My WordPress Blog

نگران سرڪار جي نگراني هيٺ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ گهري ٿي: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ۾ چيو آهي ته نگران حڪومت جي نگراني هيٺ خوفناڪ نظام هلي رهيو آهي جو چونڊ مشاورت جي اجازت به نه آهي، ڇا نگران حڪومت چونڊن کي پٽڙيءَ تان لاهڻ گهري ٿي؟ هن چيو ته چونڊن لاءِ مشاورت جي اجازت بنيادي حق آهي، پي ٽي آءِ جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي چيئرمين جي مشاورت ۾ مخالفت سان نگران حڪومت جي غير جانبداري تي سوال اٿي ٿو. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته پارٽيءَ جي 700 ٽڪيٽس جي ورڇ بابت پي ٽي آءِ جي باني سان مشاورت گهربل آهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊوڪيٽ جنرل درخواست جي ٻڌڻ جوڳو هئڻ جي مخالفت ڪئي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. جسٽس ميان گل حسن چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ مان آيل اضافي نوٽ توهان لاءِ ڪافي نه هو؟ سپريم ڪورٽ کانپوءِ ڇا توهان مون کان به پنهنجو اختلافي نوٽ لکرائڻ چاهيو ٿا؟ ايڊوڪيٽ جنرل ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل حڪومت جي نمائندگي ڪري رهيا آهن، هنن کي اڻ ڌريو رهڻ گهرجي. عدالت اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ جي نگراني ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وڪيلن کي پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.