مٺياڻي (رپورٽر ڀورل ڀٽي )مٺياڻي واسي عورتن پاران ذاتي ملڪيت مان حصو نه ڏيڻ خلاف پنهنجي والد ۽ ڀاء خلاف سنڌ پريس ڪلب مٺياڻي اچي احتجاج ڪيو مسمات ثميران ابڙو صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته منهنجو پيَ نبي بخش ابڙو زرعي زمين پنجٽيھ ايڪڙ ۽ نوَ ويسا زمين مان مونکي ۽ منهنجي ڀينرن کي حصو ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آھي جڏهن ته ان زرعي زمين جا هر ڪاغذ ۽ ثبوت مونوٽ موجود آھن ۽ حصو گهرڻ کانپوء اسانکي موتمار ڌمڪيون ڏيندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ٻڍڙين ڀينرن کي به زمين ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آھي ان موقعي تي موجود نبي بخش ابڙو جون ڀينرون نوابزادي ابڙو ۽ سڪينا ابڙو به دانهيندي چيو ته نبي بخش ابڙو اسانجو ڀاء آھي جنهن دوکي دولاب سان اسانجي نوََ نوََ ايڪڙ زرعي زمين ڦٻائي ويهي رهيو آھي ۽ هر فصل پنهنجي طاقت سان کڻي وڃي ٿو هن وقت ملڪيت هوندي به اسان بک ۽ بدحالي جو شڪار آھيون ۽ هڪ ويلي ماني ڳڀي لاء پريشان آھيون ٻئي پاسي هنن چيف جسٽس پاڪستان ،نگران وزيراعلا ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته ظالم ڀاء نبي بخش ابڙو خلاف قدم کڻي انکي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي اسان سان انصاف ڪيو وڃي نت ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ۔