ميرپور ماٿيلو؛ سنڌي ادبي سنگت جي تاج جويو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج،
ميرپور ماٿيلو( رپورٽر) ميرپور ماٿيلو؛ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج، سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو کي ختم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ڍڳي وارو ساڳيو لوگو بحال ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو، اڳواڻ تفصيل موجب ميرپور ماٿيلو ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو کي ختم ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، ڊاڪٽر مشتاق ڦل، آزاد انور ڪانڌڙو، ڊاڪٽر مبارڪ لاشاري، حسين سارنگ، پريم پتافي، امر کهاوڙ ، مفتون ڪورائي، مهر خادم، عبدالحئي ڀٽو، ڪامريڊ جمال شاه، اياز کهاوڙ، يعقوب پتافي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو کي ختم ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قديمي تاريخي ڍڳي واري لوگو قديمي آهي تنهن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ هرگز نه ڏيندا سون، هنن وڌيڪ چيو ته ڍڳي وارو ساڳيو لوگو بحال ڪيو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو،