My WordPress Blog

لاڙڪاڻو جي ڊي اي جي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جا پي ايس 11 تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويا

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جا پي ايس 11 تي نامزدگي فارم منظور ٿي ويا آهن. رپورٽ موجب جي ڊي اي جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي پنهنجي نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر / رٽرننگ آفيسر محمد ارسلان چوڌري وٽ پهتا جتي پي ايس 11 جي فارمن جي ڇنڊڇاڻ بعد آر او ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽ بئريسٽر ڪاظم علي عباسي جا فارم منظور ڪري ورتا جنهن تي جي ڊي اي ۽ لاڙڪاڻو عوام اتحاد جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي ۽ هنن هڪٻئي کي مبارڪون ڏئي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي ڪنهن سان ذاتي دشمني نه پر اسان صرف عوام جي حقن جي جنگ وڙهي رهيا آهيون، اسان مقابلو ڪرڻ ڄاڻون ٿا، 8 فيبروري تي ستاري تي ٽپو پاڪستان جي ڪاميابي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ميرٽ جو قتل عام ٿي رهيو آهي، اڄ جو نوجوان مايوسي جي ڪري خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، اقتدار ۾ اچي مظلوم عوام کي سنڌ جي ڪرپٽ ترين مافيا کان نجات ڏيارينداسين.

Leave A Reply

Your email address will not be published.