My WordPress Blog

لاڙڪاڻو جي ايس ايس پي چوڪ پاران ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خوبصورت مجسمو لڳايو ويو

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان لاڙڪاڻي شهر جي ايس ايس پي چوڪ تي ٿر جي رهواسي مشهور مجسمي ساز فقيرو پاران ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خوبصورت مجسمو لڳايو ويو آهي جنهن جو افتتاح پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو، پي پي پي سٽي لاڙڪاڻو جي صدر خير محمد شيخ، ميئر انور علي لهر، ٽائون چيئرمين وقار علي ڀٽو، سرائي سرفراز احمد کوکر ڪاشف علي عمراڻي ۽ ٻين سان گڏجي ڪري دعا گهري. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جميل احمد سومرو چيو ته اڄ اسان جي لاءِ وڏي سعادت جو ڏينهن آهي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي وارن جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مجسمو ”اسٽيچو آف ڊيموڪريسي“ يعني ”جمهوريت جو مجسمو“ تحفي طور ڏنو آهي، جنهن ۾ وفاقي يا صوبائي سرڪار سميت ميونسپل ڪارپوريشن جو ٽڪو به خرچ ناهي ٿيو ان جو خرچ چيئرمين پاڻ ڀريو آهي جنهن کان پوءِ هن چوڪ کي ايس ايس پي چوڪ چوڻ بجاءِ”اسٽيچو آف ڊيموڪريسي“ يعني جمهوريت جو مجسمو چوڪ چيو وڃي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ جميل احمد سومرو چيو ته سنڌ ۾ پارٽي اميدوارن کي ٽڪيٽ جي حوالي سان جوڙيل بورڊ پنهنجون سفارشون سينٽرل بورڊ کي اماڻي ڇڏيون آهن، 30 ڊسمبر تائين اميدوارن جي اسڪروٽني جو عمل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پارٽي جي اميدوارن کي ٽڪيٽون ملنديون. هن چيو ته عام چونڊن جي حوالي سان 27 ڊسمبر تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 10 نقاطي چونڊ منشور جو اعلان ڪيو جيڪو پارٽي جو پهريون جلسو هو ان کان پوءِ تمام جلد چيئرمين پنجاب جو دورو ڪندو ۽ جلد ٻين صوبن ۾ به چيئرمين ويندو. هوڏانهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو مجسمو لڳڻ کان پوءِ نوجوانن توڙي هر عمر جي ماڻهن پهچي مجسمي سان گڏ سيلفيون ٺاهي ٽڪ ٽاڪ جي لاءِ ويڊيوز ٺاهي خوشيءَ جو پڻ اظهار ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.