My WordPress Blog

بلڙي شاهه ڪريم ويجھو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب 5 گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

0

بلڙي شاهه ڪريم: (رپوٽر ) بلڙي شاهه ڪريم ويجھو چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب چئن گهرن کي باهه  لڳي وئي، متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ويٺل. بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ملاڪاتيار لڳ ڳوٺ احمد سٺيو ۾ چلھ مان چڻنگ لڳڻ سبب غريب پورھيتن غلام حيدر سٺيو، محمد حسن سٺيو، اڪبر سٺيو، رانجھو سٺيو ۽ صديق سٺيو جي گهرن کي اچانڪ باهه وڪوڙي وئي، جنھن سبب گهرن ۾ پيل لکين رپين جي ماليت جو سمورو سامان بسترا `کاڌي جو اناج مڪمل سڙي رک ٿي ويو. ان کانسواءِ پائڻ وارا ڪپڙا به سڙي خاڪ ٿي ويا. ڳوٺاڻن موجب ته باهه چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب لڳي آهي انساني جانين جو بچاءُ ٿيو آهي باقي گهر سڙي ويا آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.