My WordPress Blog

بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن بابت فيصلو محفوظ

0

لاهور: (م ڊ ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لاهور جي قومي تڪ اين اي 127 تي جمع ڪرايل نامزدگي ڪاغذن تي اعتراضن بابت فيصلو محفوظ ٿي ويو. ساڳئي تڪ تان بلاول جي ڪورنگ اميدوار جا نامزدگي ڪاغذ منظور، بلاول جي وڪيل آر او آفيس ۾ لکت ۾ دليل ۽ دستاويز جمع ڪرائي ڇڏيا. بلاول جي وڪيل پاران جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن رولز تحت لڳايل اعتراض ختم ڪري سگهجن ٿا، بلاول جي نامزدگي ڪاغذن ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين لکڻ انساني غلطي آهي، ان غلطي کي درست ڪري رهيا آهيون. وڪيل موجب  بلاول جا سنڌ مان نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي چڪا آهن، رڳو پنجاب ۾ مسئلو ٿيو آهي، بلاول جي وڪيل پاران نامزدگي ڪاغذن تي لڳايل اعتراض رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي. درخواست گذار اعتراض واريندي چيو هو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرين 2 ڌار جماعتون آهن، هڪڙي پارٽي جو نشان تلوار ۽ ٻي جو نشان تلوار آهي، چونڊ وڙهندڙ اميدوار هڪ ئي وقت ٻن جماعتن جو ميمبر ٿي نه ٿو سگهي، تنهن ڪري بلاول جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.