My WordPress Blog

باقراڻي تڪ پي ايس 12 تي اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس ڀائرن جا نامزدگي فارم بحال

0

باقراڻي (رپورٽر ) باقراڻي / لاڙڪاڻو جي تڪ پي ايس 12 تي اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال ۽ سندس ڀائرن جا نامزدگي فارم بحال ، پ پ خلاف هر ڀيري چونڊن ۾ اتحاد ٺهندا آهن پر عوام کين رد ڪري ڇڏيندو آهي هاڻ به پ پ مخالفن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو ، سهيل انور سيال . خبر موجب : باقراڻي /لاڙڪاڻو جي پي ايس 12 تي نامزدگي فارمن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو سلسلو جاري آهي ، باقراڻي جي لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر محمد عثمان خاصخيلي جي آفيس ۾ اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جو ڀاءُ پ پ اڳواڻ ظفر انور عرف طارق انور سيال ، شاھ رخ خان سيال ۽ سهيل انور سيال جو  وڪيل پهتو ، آر او محمد عثمان خاصخيلي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال ، ظفر انور عرف طارق انور سيال ، شاھ رخ خان سيال جا نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا آهن ، ان سلسلي ۾  سنڌ جي گھرو کاتي واري اڳوڻي صوبائي وزير سھيل انور سيال چيو آهي ته پ پ خلاف هر ڀيري چونڊن ۾ اتحاد ٺهندا آهن پر عوام اهڙن موسمي اتحادن کي هميشه رد ڪري ڇڏيندو آهي ، ھن ڀيري به پ پ مخالفن کي مايوسي کان سواءِ ڪجهه به نه ملندو ڇو ته سنڌ سميت پوري ملڪ جو عوام نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي ، ملڪ ۽ قوم کي بلاول ڀٽو زرداري ئي بحرانن مان نجات ڏياريندو ، اسان عوامي خدمت تي يقين رکون ٿا ، پنهنجي دور حڪومت دوران رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن ، عوام ڪارڪردگي جي بنياد تي ووٽ ڏيندو ، انشاء الله 8 فيبروري تي پ پ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏني ويندي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.