My WordPress Blog

ڪرونڊي ۾ خواب ڏسندڙن جا خواب چڪنا چور ڪنداسين، ايندڙ اليڪشن ۾ جي ڊي اي جا اميد وار ڪامياب ٿيندا: سيد صدر الدين شاه راشدي

0

ڪرونڊي (رپورٽ بابر علي چنا)خواب ڏسندڙن جا خواب چڪنا چور ڪنداسين، ايندڙ اليڪشن ۾ جي ڊي اي جا اميد وار ڪامياب ٿيندا .پي پي سنڌ کي تباهه ڪيو آ .انهن وٽ ڪرپشن کان سواء ڪو به پرگرام ڪونهي .عوام کي سکڻن نعرن بک بدحالي کان سواء ڪجھ ناهي مليو عوام کي بجا تير تي نچڻ بجاء پنهنجي ٻچڙن جو مستقبل به سوچڻ گهرجي. ٽڪيٽن جو اڃان فيصلو ناهي ٿيو بورڊ ويهندو پوء ئي ٿيندو مون کي پنهنجي ٽڪيٽ جي به پڪ ناهي ليول پلينگ فيلڊ چاهيون ٿا.سيد صدر الدين شاه راشدي.رپورٽ موجب جي ڊي اي پاران ڪرونڊي ۾ پھريون  سياسي پاور شو راڄپر هائوس اختر خان راجپر جي رھائش گاهه  تي منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هزارين جي ڊي اي جي ڪارڪنن ۽ حر جماعت جي ماڻهن شرڪت ڪئي ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي چيو ته پي پي سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي انهن وٽ ڪرپشن کان سواء ڪو پروگرام ڪونهي ـ اسان جو منشور واضع آهي اليڪشن ۾ ووٽ جو درست استعمال ۽اليڪشن شفاف ٿي سنڌ ۾ جي ڊي اي جي حڪومت ٺهندي . 15 سالن ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو آهي جنهن ڳوٺ وڃو ته موئن جو دڙو نظراچي پيو ترقياتي ڪمن جو ڄار نه پر بدانتظامي اقربا پروري۽ڪرپشن جو راڄ آهي عوام کي سکڻن نعرن بک بدحالي کان سواء ڪجھ ناهي مليو عوام کي بجا تير تي نچڻ بجاء پنهنجي ٻچڙن جو مستقبل به سوچڻ گهرجي. ٽڪيٽن جو اڃان فيصلو ناهي ٿيو بورڊ ويهندو پوء ئي ٿيندو مون کي پنهنجي ٽڪيٽ جي به پڪ ناهي ليول پلينگ فيلڊ چاهيون ٿا.ڇوجو 15 سالن کان پ پ پ اقتدار ۾ آهي سموري آفيسر شاهي سندس تابع آهي منظور وساڻ ڇاجي دمادم مست قلندر ڪندو ٽن ڳوٺن تي مشتمل ماڻهو جي پارٽي جي ڪري عزت آ باقي کيس ڪير سڃاڻي .اسان جو منشور اهو آهي ته هر ماڻهو کي سندس بنيادي حق گهر جي در تي ملي پوء روزگار هجي روڊ هجي بجلي گيس هجي ان ڪري 8 فيبروري تي ستاري جي نشان تي ٺپو ھڻي پنهنجو مستقبل جي بھتري لاء ڪردار ادا ڪجو. ان موقعي تي  اڳوڻو ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ عبدالڪريم شر بشير خان ۽ ٻيا پڻ شريڪ گڏ ھئا .

Leave A Reply

Your email address will not be published.