My WordPress Blog

پاڪستان جو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي، معاشي ترقي جا فائدا اشرافيه تائين محدود آهن: عالمي بينڪ

0

ڪراچي: (اسٽاف رپوٽر ) ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان جي معاشي ماڊل کي ناڪاره قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن چيو آهي ته پاڪستان جو معاشي ماڊل ناڪاره ٿي چڪو آهي. ماضي ۾ غربت ۾ خاطر خواهه گهٽتتائي ٿي جيڪا هاڻ ٻيهر وڌي رهي آهي جڏهن ته معاشي ترقي جا فائدا اشرافيه تائين محدود ٿي ويا آهن. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي پائيدار نه آهي معاشي ترقي صرف محدود ماڻهن کي فائدو ڏئي رهي آهي. پاڪستان پنهنجن پاڙيسري ملڪن کان به پوئتي رهجي ويو آهي. هاڻ صرف اها سوچ رهجي وئي آهي ته پاليسي تبديل ڪرڻ ضروري آهي. ناجي بن حسانن چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي زد ۾ آهي. زرعي ۽ توانائي شعبن جون خرابيون ختم ڪيون وڃن. توانائي ريفارم جو محور مالي استحڪام هجي بهتر ورهاست، نجي شعبو ۽ مهانگائي جي بجاءِ متبادل بجلي ٺاهڻ تي ڌيان هجي. پاليسي تبديل ڪرڻ جي سوچ تي اتفاق نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته تجربو ٻڌائي ٿو ته ريفارمرز کي روڪيو پيو وڃي. ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ روشن مستقبل جي لاءِ هڪ ٿيڻ جو موقعو آهي. پاڪستان ۾ نظام، قرضن جي لاڳت ۽ آمدني جا ذريعا پائيدار نه آهن. عوام ۽ انفرا اسٽرڪچر جي ترقي تي خرچ محدود آهي. حڪومتي خرچن کي به ريفارمرز جي ضرورت آهي. آزاد معيشت سان زندگي جو معيار بهتر ٿيندو. ڪاروباري ماحول خاص طور تي ننڍي ڪاروبار کي بهتر ماحول گهرجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.