My WordPress Blog

ٽڪيٽون گهٽ ۽ اميدوار گهڻا، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري زرداري گهوٽڪي پهچي ويو

0

گهوٽڪي(رپورٽ: هادي بخش جلباڻي ) ٽڪيٽون گهٽ ۽ اميدوار گهڻا، بلاول ڀٽو زرداري گهوٽڪي پهچي ويو، گوهرپئلس ۽ ڄام هائوس تي بيٺڪ، ٽڪيٽن جا معاملا نه نبرجي سگهيا، گهوٽڪي جي صوبائي تڪ تي راجا خان مهر جو نالو فائنل ٿيڻ جا اطلاع، ميرپور ۽ اوٻاوڙو تي نالا فائنل نه ٿي سگهيا، سياسي صورتحال جيترا وات اوتريون ڳالهيون، خبرموجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽڪيٽن جي ورهاست توڙي پ پ جي مقامي اڳواڻن ۾ پيدا ٿيل اختلاف نبيرڻ لاء هيليڪاپٽر ذريعي گهوٽڪي پهچي ويو جتي هن پهريان ڄام هائوس عادلپور پهچي ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڄام سيف الله ڌاريجو ڄام برادران ۽ ان جي اتحادين سان ملاقات ڪئي جنهن بعد بلاول ڀٽو زردار گوهر پئلس خانڳڙھ پهتو جتي هن گوهر پئلس تي سردار علي گوهر خان مهر، علي نواز خان عرف راجا خان مهر، خالد احمد لنڊ، سردار محمد بخش مهر، ڄام مهتاب حسين ڏهر، عبدالباري پتافي، شهريار شر، ميربابر لنڊ، سکديو همناني، سميت ٻين پ پ اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ذريعن موجب گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تي سردار علي نواز خان عرف راجا خان مهر ۽ ڌاريجا برادران ۾ اختلاف نبيرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي آھي ان کان علاوهه پي ايس 19 تي باري پتافي جي حمايت لاء سردار علي گوهر خان مهر کي پڻ چيو ويو جڏهن ته اوٻاوڙو جي صوبائي تڪ پي ايس 18 تي ٽڪيٽ جي سلسلي ۾ ڄام مهتاب حسين ڏهر ۽ سردار شهريار شر ۾ پيدا ٿيل اختلافن کي پڻ نبيرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اعتماد جوڳن ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زردار گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تي سردار علي نواز خان ۽ عرف راجا خان مهر کي ٽڪيٽ ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آھي، ان کان علاوهه سردار علي گوهر خان مهر ۽ خالد احمد لنڊ سان بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪري پي ايس 19 تي عبدالباري پتافي جي حمايت لاء چيو مگر ان بابت ڪو به حتمي فيصلو نه ٿي سگهيو، ذريعن موجب ته پي ايس 19 تي باري پتافي سان مقابلي لاء فارم جمع ڪرائيندڙ نادر اڪمل لغاري پڻ سردار علي گوهر خان مهر ۽ خالد احمد خان لنڊ سان خفيه ملاقات پڻ ڪئي آھي، جڏهن ته اوٻاوڙو جي تڪ پي ايس 18 تي ڄام مهتاب حسين ڏهر ۽ سردار شهريار شر ۾ ٽڪيٽ جي معاملي تان اختلاف نبيرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي وئي ذريعن موجب ته اوٻاوڙ جي تڪ تي به پيدا ٿيل اختلاف نه نبرجي سگهيو، هوڏانهن ڄام مهتاب حسين ڏهر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آھي ته پ پ سان ڀٽو صاحب جي دور کان وٺي وابسته آهيان اوٻاوڙو جي عوام جو مطالبو آھي ته چونڊ وڙهان عوام جو مطالبو پارٽي قيادت اڳيان رکيو آھي، هن وڌيڪ چيو پ پ ۾ آهيان ۽ پ پ ۾ ئي رهندس اگر ڪو چوي ٿو ته ڄام مهتاب ڏهر کي ديوار سان لڳايو ويندو ته اها سندن ڀُل آھي

Leave A Reply

Your email address will not be published.