ميروخان (رپورٽر ) پي ايس 15 ميروخان تي نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني جي چوٿين ڏينهن 5 اميدوارن جا فارم بحال، ٽن کي روڪيو ويو، خبر موجب : صوبائي تڪ پي ايس 15 ميروخان تي جمع ڪرايل نامزدگي فارمن جي جاچ پڙتال جو سلسلو جاري آهي فارمن جي اسڪروٽني جي چوٿين ڏينهن پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير اياز سومرو جي ڀاءُ ايڊووڪيٽ رياض حسين سومرو، آزاد اميدوار نياز محمد چانڊيو، ن ليگ اميدوار مير همايون خان مغيري ، شهاب الدين ڀٽي، صدام حسين مگسي جي فارمن کي آر او اياز حسين مشوري پاران منظور ڪيو ويو جڏهن عبيدﷲ عرف مٺل خان مغيري، مير امير جان مغيري ۽ ايڊووڪيٽ آفتاب ڳورڙ جي نامزدگي فارمن کي آر او طرفان معمولي اعتراضن سبب روڪيو ويو آهي فارم بحال ٿيڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ رياض سومرو چيو ته منهنجو ڀاءُ اياز سومرو مرڻ گهڙي تائين پارٽي سان سلهاڙيل رهيو ۽ اسان جو خاندان پارٽي سان جڙيل پراڻو خاندان آهي پارٽي قيادت مان پراميد آهيان ته پي ايس 15 ميروخان تي مون کي ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.