My WordPress Blog

ميروخان پيپلزپارٽي جي حڪومت 15 سالن ۾ ڪجھ ناهي ڪيو ۽ سنڌ سرڪار ٻوڏ دوران عوام جي مالڪي نه ڪئي؛ ن ليگ اميدوار

0

ميروخان (رپورٽر) پيپلزپارٽي جي حڪومت 15 سالن ۾ ڪجھ ناهي ڪيو چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ سرڪار ٻوڏ دوران عوام جي مالڪي نه ڪئي، پي ايس 15 جي عوام سدائين ٻاهرين ماڻهن کي ووٽ ڏنو هاڻي ائين نه ٿيندو. عوام سجاڳ آهي کٽي ڏيکارينداسين. ن ليگ اميدوار مير همايون مغيري جي فارم بحال ٿيڻ کان پوءِ پريس ڪانفرنس. خبر موجب : پي ايس 15 ميروخان تي ن ليگ جي اميدوار مير همايون خان مغيري جو نامزدگي فارم اسڪروٽني بعد بحال ڪيو ويو فارم بحال ٿيڻ کان پوءِ تعلقہ پريس ڪلب ميروخان پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي مير همايون مغيري چيو  ته پيپلزپارٽي جي 15 سالن جي حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪارڪردگي تباهي ۽ ڪرپشن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي هن چيو ته ٻوڏ دوران حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن ماڻهن جي مالڪي نه ڪئي پر مان عوام جي وس آهر مدد ڪري مشڪل وقت ۾ گڏ رهيس هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ايس 15  جي عوام سدائين پيپلزپارٽي طرفان مڙهيل ٻاهرين ماڻهن کي ووٽ ڏئي ايوانن ۾ موڪليو آهي جن اسيمبلين ۾ وڃڻ کان پوءِ وري منهن ناهي ڪيو پر هاڻي ائين نه ٿيندو ڇو ته عوام سجاڳ ٿي چڪو آهي پي ايس 15 سميت ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو عوام  صحت، تعليم، روڊن ۽ رستن جون سهولتون نه هجڻ ڪري پريشان ۽ دربدر آهي مير همايون مغيري چيو ته سڀ کي خبر آهي ايندڙ وفاقي حڪومت ن ليگ جي ٺهندي ۽ ن ليگ جي حڪومت ۾ پنجاب وانگر سنڌ ۾ به ترقي ٿيندي هن جو وڌيڪ چوڻ هو پي ايس 15 اسان جو گهر آهي انشاء الله عوام جي ساٿ سان کٽي ڏيکارينداسين ۽ ايم پي اي ٿيڻ  کان پوءِ پي ايس 15 جي عوام جا ترجيحي بنيادن تي مسئلا حل ڪري عوامي خدمت جو نئون مثال قائم ڪندس.

Leave A Reply

Your email address will not be published.