My WordPress Blog

شاهه محمود قريشي 12 ڪيسن ۾ گرفتار: جسماني ريمانڊ جي درخواست رد، جيل منتقل

0

راولپنڊي: (م ڊ ) تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جو نالو وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته عدالت کيس سمورن ڪيسن ۾ جوڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو آهي. پراسيڪيوٽر موجب شاهه محمود قريشي جي خلاف 9 مئي سانحي تي راولپنڊي ضلعي ۾ 12 ڪيس داخل ٿيل آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ايڇ ڪيو، آرمي ميوزيم حملو، حساس اداري جي آفيس تي حملو ۽ ميٽرو بس اسٽيشن ساڙڻ جي ڪيسن ۾ به نامزد آهي جڏهن ته ان جي سمورن 12 ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آهي.پراسيڪيوٽر عدالت کان استدعا ڪئي ته شاهه محمود تان سمورن ڪيسن ۾ هڪ ئي وقت جاچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. ان کان علاوه پراسيڪيوٽر سمورن 12 ڪيسن ۾ شاهه محمود جي 2 جنوري تائين جسماني ريمانڊ جي به استدعا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي جي خلاف 9 مئي، جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ سرڪاري وڪيلن سندس جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪئي ۽ پراسيڪيوٽر وڊيو بيان کي عدالت ۾ بطور ثبوت جي طور تي پيش ڪيو. پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته شاهه محمود قريشي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي احتجاج جو سڏ ڏنو. اسان وٽ پڪا ثبوت آهن ته اهوحملو ادارن جي خلاف هو جنهن جي روشني ۾ کيس گرفتار ڪري سگهجي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته احتجاج جي سڏ پٺيان ڪهڙا ماڻهو ملوث هئا. پراسيڪيوٽر چيو ته دهشتگردي جي ڪيس ۾ 90 ڏينهن تائين جو رمانڊ ڏئي سگهجي ٿو. اسان ايف آءِ اي، پيمرا ۽ ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. شاهه محمود قريشي جي وڪيل علي بخاري پنهنجي دليلن ۾ چيو ته جي ايڇ ڪيو ڪيس ۾ 12 جوابدارن جي ضمانت منظور ٿي چڪي آهي. عدالت ۾ پيش  ڪيل تقرير 16 سيپٽمبر جي آهي ان جو 9 مئي سان ڪيئن تعلق ٿي سگهي ٿو هي ڪيس جنهن نوعيت جو آهي ان کي ڊسچارج ڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت پراسيڪيوٽر جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري کيس سمورن ڪيسن ۾ 14 ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي اڊيالا جيل اماڻي ڇڏيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.