My WordPress Blog

سائفر ڪيس: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي حڪم امتناع جي درخواست رد ڪري ڇڏي

0

اسلام آباد: (م ڊ )  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين طرفان سائفر ٽرائيل تي حڪم امتناع جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. سائفر ڪيس ۾ ٽرائيل ڪورٽ جي 12 ڊسمبر جي حڪم نامي جي خلاف پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته ٽرائيل روڪيو وڃي. جنهن تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون ان کان پوءِ عدالت انهي معاملي کي ڏسندي. پي ٽي آءِ جي اڳوڻي چيئرمين جي وڪيل عثمان رياض گل عدالت ۾ 12 ڊسمبر جو آرڊر پڙهيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سيڪشن 13 جي سب سيڪشن 3 جي گهرجن موجب ٽرائيل ڪورٽ ۾ عدالتي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي. قانون ۾ لفظ ڪمپلينيٽ جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جو ذڪر نه آهي اهو اسپيشل قانون آهي ان جي تحت عدالتي ڪارروائي ممڪن آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته اوهان جو پوائنٽ ڪهڙو آهي؟ ڪهڙيون گهرجون پوريون نه ڪيون ويون آهن جنهن تي وڪيل ٻڌايو ته ڪمپلينٽ جي بجاءِ ايف آءِ آر جي تحت اها ڪارروائي اڳيان وڌي رهي آهي جيڪا قانوني طور تي صحيح نه آهي. قانوني طور تي حڪومت جي اعليٰ آفيسر طرفان سڌو سنئون عدالت ۾ ڪمپلينٽ داخل ڪرڻي هئي پر هتي ڪمپلينٽ فائل نه ٿي آهي پر ايف آءِ آر داخل ٿي آهي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته اهو نوٽيفڪيشن ته سيڪشن 13(6) جون گهرجون پوريون ڪري ٿو. وڪيل عثمان رياض گل چيو ته عدالت انهي معاملي کي نٿي سمجهي سگهي. 25 گواهن جا بيان مڪمل ٿي چڪا آهن 3 تي جرح لڳائي وئي آهي گڏيل طور تي 28 گواهه آهن. وڪيل استدعا ڪئي ته عدالت ڪجهه ڏينهن جي لاءِ ٽرائيل روڪي ڇڏي نه ته تيستائين ٽرائيل ڪورٽ ڪيس جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيندي ڇو ته ٽرائيل روزاني جي بنياد تي هلي  رهيو آهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته پهريان نوٽيس جاري ڪنداسين ان کان پوءِ عدالت معاملي کي ڏسندي. عدالت پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سائفر ٽرائل تي حڪم امتناع ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر رضوان عباسي عدالت جي ڪمري ۾ نوٽيس وصول ڪيو. جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.