My WordPress Blog

دادو ۾ سماجي تنظيم مينيجمينٽ ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پاران تقريب ڪوٺائي وئي

0

دادو: (رپورٽ راجا بشير لنڊ) دادو ۾ سماجي تنظيم مينيجمينٽ ڊولپمينٽ فائونڊيشن ۽ لاڙ هيومنٽيرين اينڊ ڊولپمينٽ پروگرام پاران آڪسفيم جي سهڪار سان تحفظ ۽ هنگامي بنيادن تي خدمتون حاصل ڪرڻ ۽ رابطه ڪاري لاءِ ريفرل ڊاريڪٽري جي افتتاحي تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن فرزانه، آفتاب بلوچ، عبدالله، يونس، عنايت برهماڻي سميت وڏي انگ ۾ مختلف کاتن سوشل ويلفيئر، پوليس، وومين ڊولپمينٽ،  بيت المال جي عملدارن ۽ سول سوسائيٽي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، تقريب ۾ سماجي تنظيم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته دادو ضلعي ۾ مها ٻوڏ سميت مختلف آفتن دورران عوام کي تحفظ ۽ هنگامي بنيادن تي خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ رابطه ڪاري لاءِ ڊاريڪٽري ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ نه صورت دادو ضلعي جي مختلف کاتن پر سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيمن سميت سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل هيلپ لائين جا رابطه نمبر شامل ڪيا ويا آهن هنن چيو ته ڪهڙو ڪم ڪهڙي اداري جو آهي اهو به ڊائريڪٽري ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سماجي تنظيم جي اڳواڻن جو چوڻ هو ته 2022 دوران دادو ضلعي اندر آيل ٻوڏ وڏي تباهي مچائي، لکين ماڻهون دربدر ٿي ويا، لکين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، پوري دنيا متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ پنهنجا وسيلا استعمال ڪيا ان دوران دادو ضلعي جي ڪي اين شاهه ۽ جوهي تعلقي جي 4 يونين ڪائونسلن ۾ ايم ڊي ايف ۽ ايل ايڇ ڊي پي به آڪسفيم جي سهڪار 12 هزار کان وڌيڪ خاندان کي رليف ڏنو، 135 سمال بزنس کلرايا، 200 کان وڌيڪ گارڊن ڪچن قائم ڪيا، 1750 ٻارڙن جا برٿ سرٽيفڪيٽ ٺهرائي ڏنا، 17 هزار جانورن کي مختلف بيمارين کان بچاءُ لاءِ ويڪسين لڳرايون، سوين ڳوٺاڻن ۽ اسڪولن کي واش روم ٺهرائي ڏنا، جڏهن ته ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر دادو فياض حسين راهوجو جو چوڻ هو ته جتي ضلعي انتظاميا ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ نه پئي پهچي سگهي اتي سماجي تنظيمن پاران ٻوڏ متاثر ماروئڙن جي خدمت ڪئي، هن ڊاريڪٽري ٺاهڻ جو مقصد به اهو ئي آهي ته قدرتي آفتن دوران متاثر سڌي ريت انتظاميا ۽ سماجي ادارن سان رابطه ڪري سگهن ته جئين وقت سر انهن کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.