My WordPress Blog

باقراڻي تڪ پي ايس 12 تي جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي نامزدگي فارم منظور ٿي ويو

0

باقراڻي ( رپورٽر) باقراڻي / لاڙڪاڻو تي مشتمل تڪ پي ايس 12 تي جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي نامزدگي فارم منظور ٿي ويو ، اسان جي جدوجهد پنهنجي ذات لاء نه پر عام ماڻهن لاء آهي ، پيپلز پارٽي ھاڻي اھا پارٽي ناهي رهي ، پيپلزپارٽي لميٽيڊ ڪمپني ٿي وئي آهي ، ھن جي سوچ صرف اقتدار جي حاصلات لاء آهي ، معظم خان عباسي نامزدگي فارم منظور ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي . خبر موجب : جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي ايم پي اي معظم خان عباسي جو صوبائي تڪ پي ايس 12 باقراڻي / لاڙڪاڻو لاء نامزدگي فارم منظور ٿي ويو آهي ، ان سلسلي ۾ جي ڊي اڳوڻ معظم خان عباسي پنهنجي نامزدگي فارم جي اسڪروٽني لاء پنهنجي ساٿين ۽ ڪارڪن سان گڏجي آر او آفيس باقراڻي پھتو ، ان موقعي تي جي ڊي اي اڳواڻ معظم خان عباسي نامزدگي فارم منظور ٿيڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پي ايس 11 لاڙڪاڻو ۽ پي ايس 12 لاڙڪاڻو باقراڻي جي تڪن تي چونڊ وڙھڻ لاء فارم منظور ٿيا آهن پر اتحادين جي گڏيل صلاح بعد ھڪ تڪ تي چونڊ وڙھندس ، ھن چيو ته اسان جي جدوجهد پنهنجي ذات لاء نه پر عام ماڻهن لاء آهي ، پيپلز پارٽي ھاڻي لميٽيڊ ڪمپني ٿي وئي آهي ، پيپلز وڏي پارٽي آهي پر ھاڻي اھا پارٽي ناھي رھي ، ھن جي سوچ صرف اقتدار جي حاصلات لاء آهي ، ھن چيو ته اسان جو گرينڊ الائينس لاء ڪوشش ھلي رھي آھي ، جنهن ۾ جي ڊي اي ، جي يو آءِ ، ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ شامل ھونديون جيڪو اتحاد اڃان ميچوئر ناهي ٿيو ، انشاءَالله عوام جي سپورٽ ۽ ووٽ سان مخالفن کي شڪست ڏينداسين ، ان موقعي تي جي ڊي اڳواڻ معظم خان عباسي سان گڏ ق ليگ جي مرڪزي اڳواڻ بابو غلام سرور سيال ، عبدالرزاق رئيساڻي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا .

Leave A Reply

Your email address will not be published.