راولپنڊي: (م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي عدالت جي ڪمري ۾ پنهنجي مٿان ٿيندڙ پوليس تشدد جو بيان ڏئي ڇڏيو آهي. جوڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڊيوٽي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج سيد جهانگير علي شاهه محمود جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. پوليس اڳوڻي پرڏيهي وزير کي هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو. جنهن کان پوءِ جج عدالت جي ڪمري ۾ سندس هٿڪڙيون کولرائي ڇڏيون. پراسيڪيوشن ٽيم مڪمل جاچ جي لاءِ 30 ڏينهن جي لاءِ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي 9 مئي تي عوام کي احتجاج جي لاءِ ڀڙڪايو. شاهه محمود قريشي روسٽرم تي اچي چيو ته مون کي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي. ايس ايڇ او جمال مون کي ڌڪا ڏنا، لتون هنيون، مون کي ٺونشا هنيا ويا، منهنجي حالت خراب هئي ان لاءِ طبي امداد جي استدعا ڪئي پر پوليس جي آفيسرن انڪار ڪري ڇڏيو. شاهه محمود قريشي گرفتاري جي ڪارروائي ٻڌائيندي عدالت ۾ لڙڪ لاڙي ويٺو ۽ ٻڌايو ته سڄي رات مون کي ٿڌي ڪمري ۾ رکيو ويو. لائٽون بند ڪري ميڻ بتيون ٻاريون ويون. پوءِ اوچتو تيز ترين روشني سان گڏ فل لائيٽون ٻاريون ويون ۽ 20 کان 25 ماڻهو ٽهڪ ڏيندا رهيا مون کي سڄي رات سمهڻ به نه ڏنو ويو آهي ڇا اهو انصاف آهي. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو حملي جو ڪيس به منهنجي مٿان داخل ڪيو ويو. قرآن پاڪ تي قسم کڻي حلف ڏيان ٿو ته مان 9 مئي تي راولپنڊي ته ڇا پر پنجاب ۾ نه هئس مان ان وقت ڪراچي ۾ هئس. شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ وڏي اهم شخصيت به منهنجي باري ۾ چيو آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي ۾ ملوث نه هو. اها شخصيت اڄ حڪومت جي اهم ڪرتا ڌرتا آهي. عدالت چاهيندي ته اهڙي شخصيت جو نالو به ٻڌائي ڇڏيندس. وڪيل صفائي چيو ته شاهه محمود قريشي کي ڊسچارج ڪيو وڃي. جسماني ريمانڊ جو ڪوبه جواز نه آهي اهو ڪوڙو انتقامي ڪيس آهي جڏهن چالان به پيش ٿي ويو ته جسماني ريمانڊ ڪيئن ڏنو وڃي پوري چالان ۾ شاهه محمود قريشي جو نالو به نه آهي. عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي شاهه محمود قريشي جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. هوڏانهن 7 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز به عدالت پهچي ويا. عدالت پهچندڙ 7 ايس ايڇ اوز شاهه محمود قريشي جي وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪندي کيس جي ايڇ ڪيو، آرمي ميوزيم حملو، حساس اداري، آفيس تي حملو، ميٽرو بس ساڙڻ سميت سمورن ڪيسن ۾ جوابدار نامزد ڪندي جسماني ريمانڊ گهري ورتو.