My WordPress Blog

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جو چونڊ ميدان ڇڏي ڏنو

0

ڪراچي: (اسٽاف رپوٽر )  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪراچي جو چونڊ ميدان ڇڏي ڏنو آهي. بلاول ڀٽو ڪراچي جي ڪنهن به سيٽ تان نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا. آصفه ڀٽو زرداري به ڪنهن به سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا. بلاول ڀٽو زرداري 2018 ۾ لياري کان چونڊ سياست جي شروعات ڪئي هئي. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪراچي جي جيالن جي علائقي لياري تان قومي اسيمبلي جي سيٽ ڀٽو جي نالي سان سڃاتي ويندي آهي. سال 1988ع ۾ شهيد بينظير ڀٽو لياري مان چونڊ وڙهي چڪي آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به 1993ع ۾ لياري مان چونڊ وڙهي چڪو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو به لياري جي سيٽ تي عام چونڊن ۾ حصو ورتو هو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو زرداري 8 فيبروري 2024 تي ٿيندڙ چونڊن جي لاءِ لاڙڪاڻو، لاهور ۽ قمبر شهدادڪوٽ تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. بلاول ڀٽو زرداري اين اي 127، اين اي 194 ۽ اين اي 196 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. جڏهن ته ڪراچي جي ڪنهن به سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.