پ پ اڳواڻ پير مجيب الحق دادو سٽي ۾ سولنگي اتحاد وڏيرو محمد حسين جي ڏنل پهرين جلسي جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ پهتو
دادو(رپورٽ راجا بشير لنڊ:) پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ اڳوڻو ايم پي اي دادو بئريسٽر پير مجيب الحق دادو سٽي ۾ سولنگي اتحاد ضلع دادو سربراهه وڏيرو محمد حسين سولنگي ۽ سولنگي برادري جي ڏنل پهرين جلسي پروگرام جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ پهتو ته ته سندس جيئي ڀٽو جيئي بلاول ڀٽو جي نعرن سان شاندار استقبال ڪيو ويو، جلسي جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ڪئي وئي، مهمان خاص پيرمجيب الحق کي بوسڪي جو پٽڪو اوڍائي کيس سنڌ جي ثقافت سنڌي ٽوپي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، وڏيرو محمد حسين طرفان آجياڻو پيش ڪندي چيو ته ايندڙ جنرل اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ پير مجيب الحق جو سولنگي برادري پاران ڀرپور ساٿ ڏينداسين، جلسي کي خطاب ڪندي تڪ جي ايم پي اي اميدوار پير مجيب الحق چيو ته 8 فيبروري تي ملڪ جو عوام تير جي نشان تي ٺپو ھڻي پ پ پ اميدوارن کي ڪامياب بڻائيندو ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نوجوان وزير اعظم ٿيندو، هن چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ لکين سپوٽر ڳڙهي خدابخش ڀٽو پهچي ثابت ڪندا ته عوام جي دلين ۾ اڄ به شھيد راڻي بينظير ڀٽو وسي ٿي، بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي بھتر نموني ھلائي سگھي ٿو، شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي غريب عوام جي حقن خاطر پنھنجي جان جو نظرانو ڏنو شھيد ڀٽو جو مشن کي تڪميل تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪئي،ھن وقت بلاول ڀٽو ملڪ جو سڀ کان وڏو عوامي ليڊر ثابت ٿيو آھي،ان موقعي تي حاجي نواب سولنگي، حاجي نيڪ محمد سولنگي،زاھد علي سولنگي،احمد نواز سولنگي، محمد علي، محمد اشرف، مختيار علي،حاڪم علي، محمد شريف، دلدار، محمد ياسين عبدالرزاق، امير علي، حافط سڪندر سولنگي محمد جمن، پپن، محمد يوسف، مھراڻ،حسين،اسد، شبير، نصير، منظور، حڪيم، مولانا پير بخش، غلام سرور، فقير محب علي، منور، ظفر سولنگي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،