نوابشاهه: (رپوٽر ) اڳوڻي صدر ۽ نوابشاهه جي تڪ اين اي 207 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار آصف علي زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارا پهريان بنا محنت جي اچي ويا هئا هاڻ کين محنت ڪرڻ گهرجي. نوابشاهه ۾ اڳوڻو صدر آصف زرداري نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال لاءِ ريٽرننگ آفيس جي آفيس پهتو ۽ ڪاغذن جي جانچ پڙتال ڪرائي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته چيف جسٽس چئي ڇڏيو آهي ته چونڊون ضرور ٿينديون، پيپلز پارٽي جو مسقبل روشن آهي. انشاءَالله اسان حڪومت ٺاهينداسين. پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي آصف زرداري چيو ته پي ٽي آءِ وارا ته پهريان بنا محنت جي اچي ويا هئا هاڻ کين چونڊن ۾ کٽڻ جي لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي. اڳوڻو صدر خصوصي جهاز ذريعي نوابشاهه ايئرپورٽ پهتو جتي هن نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال ڪرائي. ياد رهي ته آصف علي زداري نوابشاهه مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 207 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن.