My WordPress Blog

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي

0

اسلام آباد: (م ڊ )  سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به مسيحي برادري اڄ ڪرسمس جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي. مذهبي تهوار لاءِ گرجا گهرن ۾ خصوصي عبادتون ۽ دعائيه تقريبن جو اهتمام ڪيو ويو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪرسمس جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته مسيحي برادري جي زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار اسان جو ڪنڌ فخر سان مٿي ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته قائداعظم جي پاڪستان ۾ هر شخص کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف به مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد پيش ڪئي. هن چيو ته ڪرسمس تي فلسطين، جمون، ڪشمير ۽ يوڪرين جي بي گناهه انسانن کي نه وساري. پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ڪيتهيڊرل چرچ لاهور ۾ ڪرسمس جي تقريبن ۾ شرڪت ڪري ڪيڪ ڪاٽيو. ڪيتهيڊرل چرچ ۾ منعقد ڪيل دعائيه تقريب ۾ شرڪت جي دوران نگران وڏي وزير چيو ته جڙانوالا واقعي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.