My WordPress Blog

پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 147هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي

0

ڪراچي: (استاف رپوٽر )  پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو اڄ جنم ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ملهايو پيو وڃي. مُک تقريب ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني جي مزار تي ٿي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي(ڪاڪول) جي دستن گارڊز جا فرض سنڀاليا. قائداعظم جي ڄمڻ جي ڏينهن تي ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ خصوصي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. باني پاڪستان جي  ڄمڻ جي ڏينهن تي گارڊ جي تبديلي  واري تقريب قائداعظم جي مزار تي منعقد ٿي. پاڪستان ملٽري اڪيڊمي جي دستن قائداعظم جي مزار تي پنهنجا فرض سنڀاليا. پهريان پاڪ فضائيه جا جوان قائداعظم جي مزار تي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن. قوم جي باني جي ڄمڻ جي ڏينهن تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس(ر) مقبول باقر، صوبائي ڪابينه جي ميمبرن سميت ٻين اعليٰ سول فوجي اختيارين ۽ اهم شخصيتن قائداعظم جي مزار تي حاضري ڏني ۽ گلن جي چادر چاڙهڻ کان پوءِ دعا گهري. انهن سمورين شخصيتن قائداعظم جي خدمتن تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو. پاڪستان جي باني جي ڄمڻ جي ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ سيمينار ڪانفرنسون ۽ ٻيون تقريبون منعقد ڪيون ويون آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.