My WordPress Blog

نفرت جي سياست کي ختم ڪرڻو پوندو: حڪومت ملي ته 17 وزارتون ختم ڪري پئسا عوام تي خرچ ڪنداسين: بلاول ڀٽو

0

نوابشاهه: (رپوٽر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مسئلا تمام گهڻا آهن پر انهن جو حل به موجود آهي. اسان  کي تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري جو مقابلو ڪرڻو آهي. اسان ورهاست، نفرت ۽ گارين جي سياست کي ختم ڪري مسئلن جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. حڪومت ملي ته 17 وزارتون ختم ڪري انهن جا پئسا عوام تي خرچ ڪنداسين. نوابشاهه جي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جو خواب عورتن لاءِ هو، ڪيڊٽ ڪاليج جا شاگرد شهيد بينظير ڀٽو جو خواب پورو ڪري رهيا آهن. پراڻا سياستدان پاڪستان جو ماضي آهن. اوهان پاڪستان جو مستقبل آهيو، اسان ملي محنت ڪنداسين، ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهنداسين. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي ملڪ ۾ موجود تاريخي بيروزگاري، غربت ۽ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻو آهي. حڪومت ملي ته 17 وزارتون ختم ڪري پئسا عوام تي خرچ ڪنداسين.  هن چيو ته جنهن خاندان جا 2 ماڻهو پورهيو ڪري رهيا آهن انهن جي پگهار 10 سال اڳ 10 هزار هوندي هئي ته انهن جو گذارو ٿي ويندو هو. اڄ جي معاشي صورتحال ۾ انهي خاندان جو گذارو ڪرڻ مشڪل آهي. اهڙين حالتن ۾ عام ماڻهو پنهنجي بجلي جو بل ڏئي يا ٻارن کي تعليم ڏئي. هن چيو ته 18هين ترميم جي باوجود 17 وزارتون صوبن ڏانهن منتقل نه ٿيون. اسان انشاءَالله اهي وزارتون ختم ڪنداسين، انهن تي خرچ ٿيندڙ 300 ارب روپيه عوام تي خرچ ڪنداسين. هن وقت تاريخي معاشي بحران آهي. پاڪستان کي موسمياتي تبديلي سبب وڏو خطرو آهي. موسمياتي تبديلي هڪ وڏو چيلينج آهي. پوري ڊوالپمينٽ جي نقشي ۾ اسان تبديليون آڻينداسين اسان ماڊرن ٽيڪنالاجي استعمال ڪنداسين ته جيئن معيشت جي ذريعن کان بچائي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي. هاري خوشحال هوندو ته ملڪ ۽ عوام خوشحال هوندي. هاري خوشحال هوندو ته اسان دنيا جو مقابلو ڪري سگهون ٿا. پيپلز پارٽي بينظير انڪم سپورٽ پوگرام آندو، اسان مزدورن لاءِ مزدور ڪارڊ، نوجوانن لاءِ يوٿ ڪارڊ آڻينداسين. اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ماضي جيان معيشت کي خوشحالي طرف وٺي وينداسين. گهرن ۽ دڪانن ۾ ڪم ڪندڙن جو حق آهي ته انهن کي به پينشن ملي. يوٿ ڪارڊ ۽ يوٿ مرڪز نوجوانن کي مدد ڏيندا. يوٿ مرڪز ۾ ڊيجيٽل لائبريري، مفت وائي فائي هوندو. يوٿ مرڪز ۾ شفافيت ۽ ٻين شعبن لاءِ سهوليت موجود هوندي. اسان پنهنجن نوجوانن کي يوٿ مرڪز مان ٽريننگ ڪرائينداسين. پ پ چيئرمين چيو ته اسان جا اسلام آباد وارا بابو چون ٿا ته اسان وٽ پئسا نه آهن. اسان وٽ ايترا وسيلا موجود نه آهن جو اسان مسئلا حل ڪري سگهون. آئون کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسلام آباد ۾ 17 وزارتن جي آئيني طور تي ڪابه ضرورت نه آهي. انهن 17 وزارتن ۾ ساليانو 3 سئو ارب روپيه خرچ ٿيندو آهي اسان انهن 17 وزارتن کي ختم ڪنداسين. هن وقت نفرت جي سياست هلي رهي آهي. اسان کي نفرت، ورهاست جي سياست کي ڇڏي ملڪي ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهڻو پوندو. اسان کي اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي جيئن اسان ملڪ ۽ عوام جي قسمت تبديل ڪري سگهون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.