نصيرآباد ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ جي سلسلي ۾ قمبر ضلعي ۾ عملي کي ٽريننگ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو
نصيرآباد:ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ٿيڻ جي سلسلي ۾ قمبر ضلعي ۾ عملي کي ٽريننگ ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي پھرئين مرحلي ۾ 1033 تعليم کاتي جي ملازمن کي ٽريننگ ڏئي اليڪشن جا قائده قانون ٻڌايا ويا ان حوالي سان ڊگري ڪاليج ۾ اليڪشن ڪميشن پاران ٽريننگ ورڪشاپ سينٽر قائم ڪيو ويو جنھن ۾ پھرئين ڏينھن واري ٽريننگ ۾ 603 مرد عملي سميت 430 عورت عملي کي اليڪشن ڊيوٽي جا ضابطا ۽ سکيا ڏني وئي ضلعي چيف اليڪشن ڪمشنر سيف الرحمان پٺاڻ جي نگراني ۾ ٿيندڙ ٽريننگ ۾ ماھر ٽرينر عبدالرحيم مغيري ذوالفقار علي ٻُڌ قلندر بخش سميت ٻين ماھرن شرڪت ڪري استادن ۽ تعليم کاتي سان لاڳاپيل عملدارن کي پولننگ عمل جي سکيا ڏني ان موقعي چيف اليڪشن ڪمشنر سيف الرحمان پٺاڻ ٻڌايو ته ملڪ ۾ جمھوريت کي برقرار رکڻ لاءّ عام چونڊن جو شيڊول 8 فيبروري جاري ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ اليڪشن ڊيوٽي ڪندڙ عملي کي ٽريننگ واري مرحلي مان گذاريو پيو وڃي ۽ ھي عمل قمبر شھدادڪوٽ ضلعي جي ستن تعلقن ۾ تعلقي سطح تي شروع ڪيو ويو آھي جنھن ۾ پھرين ڏينھن قمبر تعلقي جي تعليم کاتي جي 1033 ملازمن کي ٽريننگ ڏني وئي آھي جنھن ۾ 603 مرد عملو ۽ 430 عورت ملازم شامل آھن ھُن وڌيڪ چيو ته چونڊن کي صاف شفاف نموني سان سرانجام ڏنو ويندو ۽ ڪنھن به قسم جي ڪوتاھي برداشت نه ڪئي ويندي ان لاءّ ٽريننگ جا سخت اقدامات کنيان ويا آھن ھُن جو چوڻ ھو ته ٽريننگ سان گڏ سرڪاري عمارتن جو به جائزو ورتو پيو وڃي جنھن به عمارت ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي ويندي ان جو مرمتي ڪم ڪرائڻ سان گڏ عملي جي سھولت لاءّ ھر ممڪن ڪم جا حڪم جاري ڪيا آھن ۽ اھڙي ذميواري ورڪس ڊپارٽمينٽ حوالي ڪئي وئي آھي جنھن جي بجيٽ پڻ وفاق پاران جاري ڪئي وئي آھي.