My WordPress Blog

ميروخان ۾ بلوچ نياڻين جي پرامن احتجاج تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو

0

 ميروخان (رپورٽر) ميروخان ۾ بلوچ نياڻين جي پرامن احتجاج تي تشدد ۽ گرفتارين خلاف جسقم ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ڪارڪنن تعلقہ پريس ڪلب ميروخان اڳيان بلوچ نيانيڻ جي حق ۾ نعريبازي ڪئي. تفصيل موجب؛ : اسلام آباد ۾ پرامن احتجاج ڪندڙ بلوچ عورتن ۽ مردن تي  تشدد ۽ گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم ڪارڪنن پاران تعلقہ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ محمد حسن جتوئي، علي رضا لاشاري، اختيار دايو، سلطان دايو، عامر بروهي ميڊيا اڳيان ٻڌايو ته بلوچ اسان جا ڀائر آهن انهن کي ماريو ۽ گم ڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر ظلم ۽ اظهار جي آزادي جي خلاف آهي هنن چيو ته بلوچستان جي گم ٿيل ۽ قتل ٿيل نوجوانن جون وارث عورتون پنهنجي پيارن جي آزادي ۽ انصاف لاءِ پرامن احتجاج ڪري ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد پهتيون آهن ته رياست جي چرچ تي اسلام آباد پوليس انهن مٿان بدترين تشدد ڪري گرفتار ڪيو آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار بلوچ مردن ۽ عورتن کي فوري طور آزاد ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.