My WordPress Blog

ملڪ جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وجهڻ چاهين ٿا: آرمي چيف

0

راولپنڊي: (م ڊ ) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته  ملڪ جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وجهڻ چاهين ٿا. اسان کي هڪ پرعزم ۽ مضبوط قوم جي طور تي  اڀرڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير ڪرائسٽ چرچ راولپنڊي ۾ مسيحي برادري سان ڪرسمس تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چرچ انتظاميه آرمي جي آجيان ڪئي ۽ تهوار ۾ شرڪت تي سندس ٿورو به ادا ڪيو. آرمي چيف پاڪستان ۾ رهندڙ سموري مسيحي برادري کي ڪرسمس جي تهوار جي مبارڪباد ڏني. آرمي چيف مذهبي برادري جي لاءِ احترام جو اظهار ڪيو. آرمي چيف چيو ته اسلام اسان کي امن ۽ دوستي جو سبق سيکاري ٿو ۽ اسلام بين المذاهب هم آهنگي جي حوصلا افزائي ڪري ٿو. جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي.اسان کي مختلف چئلينجن ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊا مهم کان پاسو ڪرڻو پوندو. آرمي چيف پيش ايندڙ چيلنجز ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ بيان بازي ۽ پروپيگنڊه جي بجاءِ قومي مسئلن جي باري ۾ صحيح نقطه نظر، سچائي ۽ علم تي ٻڌل راءِ رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن مذهبي، نسلي ۽ سياسي  ڪمزورين کي استعمال ڪندي ڏار وجهڻ چاهين ٿا. اسان کي هڪ پرعزم ۽ مضبوط قوم جي طور تي اڀڻ جي لاءِ گڏ ٿيڻو پوندو. آرمي چيف قائداعظم محمد علي جناح جي 147هين يوم پيدائش تي انهن جي عظيم وزن ۽ قيادت کي شاندار خراج تحسين پيش ڪندي 11 آگسٽ 1947 تي دستور ساز اسيمبلي کي خطاب جي دوران قائد اعظم جي 147هين يوم پيدائش تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي آرمي چيف چيو ته قائد اعظم فرمايو، اوهان آزاد آهيو، اوهان پنهنجن مندرن ۾ وڃڻ جي لاءِ آزاد آهيو، اوهان هن پاڪستان جي رياست ۾ پنهنجي مسجدن يا ڪنهن ٻئي عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. آرمي چيف سمورن شعبن ۽ ڊومينز ۾ پاڪستان جي سموري مسيحي برادري جي خدمتن ۽ قربانين جو به اعتراف ڪيو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.