لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ ڊويزن طرفان سنڌ ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن عرفان جتوئي، زوهيب شيخ، صابر علي، مسلم علي جتوئي، مير محمد شيخ، رفيق احمد ۽ ٻين چيو ته هن وقت سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل پوکيل آهي، جنهن کي يوريا ڀاڻ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي، پر سڄي صوبي ۾ ڀاڻ موجود هجڻ جي باوجود ننڊن آبادگارن ۽ هارين کي ڀاڻ نه ٿو ملي، جڏهن ته ڊيلز مافيا ڀاڻ لڪائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اهي مافيا تمام گهڻي اگھ تي ڀاڻ وڪرو ڪري رهي آهي، جنهن سان آبادگارن ۽ هارين کي وڏو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته هاري ۽ آبادگار پنهنجي پوکيل فصل کي ضرورت مطابق يوريا ڀاڻ نه پيا ڏئي سگهن ۽ ان سان انهن جي پوکيل فصل جي اپت گهٽ لهڻ جو انديشو آهي، جنهن سان نه رڳو زراعت، آبادگارن ۽ هارين جو نقصان ٿيندو، پر سنڌ ۾ ڪڻڪ جو فصل گهٽ لهندو، جنهن سان اٽي جا اگھ جيڪي اڳ ۾ ئي تمام وڌيڪ آهن، ان کان پوءِ اڃان به وڌندا ۽ هر عام شهري کي غير معياري اٽي کانپوءِ تمام مهانگي اگھ تي دستياب ٿيندو، ان ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ ۾ سنڌ جي ضلعي انتظاميه ڀاڻ ڪمپنيون زراعت کاتي وارا ۽ ڊيلر مافيا ملوث آهي، جنهن جي خلاف سنڌ حڪومت بي وس بڻيل آهي ۽ ڪو به عملي ايڪشن نه ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪمپني انتظاميه ۽ ڊيلر مافيا کي سمجهڻ گهرجي ته هارين کي نقصان مطلب ملڪ کي نقصان برابر آهي. هنن چيو ته يوريا ڀاڻ جي ڪمپني ۽ سرڪار طرفان 3600 مقرر ٿيل آهي، اها آبادگارن ۽ هارين کي 6000 کان وٺي 5600 روپين عيوض ملي رهي آهي، جنهن سان هاري ۽ آبادگار تمام وڏي نقصان کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن لاءِ اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڀاڻ واري کوٽ واري مسئلي جو نوٽيس وٺي ملوث ضلعي انتظاميه جي عملدارن توڙي ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري سرڪاري اگھ تي هارين ۽ آبادگارن کي ڀاڻ مهيا ڪيو وڃي.