My WordPress Blog

لاڙڪاڻو وڏي عرصي کانپوءِ بند ڪيل ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين بولان ميل ريلوي سروس شروع ٿي وئي

0

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) وڏي عرصي کانپوءِ بند ڪيل ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين بولان ميل ريلوي سروس شروع ٿي وئي، لاڙڪاڻي شهر جي لاءِ سفري سهولت جي خوشخبري پر اڌوري ، اڳ ۾ ٻڌبو هو ته پنڌ ڪري وري ساهي پٽي پوءِ ماڻهو نڪرندا هئا سير سفر تي پر هاڻي پاڪستان ريلوي به هڪ ڏينهن هلندي ٻئي ڏينهن تي ساهي پٽي وري ٽئين ڏينهن تي هلندي ، هڪ طرف لاڙڪاڻو جي هزارين لکين عوام کي خوشي ته ٻئي پاسي وري هر ڏينهن بجاءِ هر ٽئين ريلوي هلڻ جي بري خبر ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين سفر ڪندڙ هزارين لکين عوام کي شديد مايوس ڪري ڇڏيو ، انهيءَ سلسلي ۾ اتحاد اهلسنت لاڙڪاڻو جي صدر مولانا منظور علي نعيمي ، حافظ روشن علي پنهور ، حافظ شعيب احمد جوڻيجو ، ناليوارو سماجي اڳواڻ ديده دل غفاري ۽ چيو ته بولان میل ایڪسپریس ڪوئيٽا کان ڪراچي شروع ٿيندڙ ريلوي سفر سان بلوچستان ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن جي لکين عوام ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي آهي پر هن ڳالھ مايوس ڪيو آهي ته هڪ ڏينهن بولان ٽرين هلندي وري ٽئين ڏينهن هلندي معني ٻه ڏينهن آرام ڪندي اها ڳالهه سمجهه نه ائي. ٽرين  مشنري تي هلندڙ گاڏي آهي ڪو جانور يا ڪو انسان ته ناهي جو ريل گاڏي ٿڪجي  پوندي. انهيءَ ڪري پاڪستان ريلوي هيڊ ڪوارٽر لاهور ۽ سکر انتظاميا کان مطالبو ٿا ڪريون ته بولان میل ایڪسپریس ڪوئيٽا کان ڪراچي روزاني جي بنياد تي هلائي هزارين عوام کي گهٽ م گهٽ سفري سهولت ته فراهم ڪئي وڃي، اطلاع مطابق بولان میل ایڪسپریس سروس ۾ ٻه گاڏا اي سي جا ۽ 7 گاڏا عام ٻيا لڳل آهن ڪل نو گاڏا آهن، 25 ڊسمبر تي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين ٽرين وري 28 ڊسمبر تي ڪراچي کان ڪوئيٽا واپسي ٿيندي يعني ٽئين وري هلندي، ڪوئيٽا کان هلندڙ بولان میل ٽرين لاڙڪاڻي ساڍا 9 وڳي رات جو پهچندي ۽ وري ڪراچي کان هلندڙ ساڳئي ٽرين لاڙڪاڻو پنجين وڳي پهچندي. بولان میل ایڪسپریس سروس جي ڪراين ڀاڙن قيمتن ۾ گهٽتائي جو پڻ مطالبو ڪيو ويو آهي .

Leave A Reply

Your email address will not be published.