لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) جميعت علماءِ اسلام سنڌ جو سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ڪاغذن جي جاچ پڙتال لاءِ قافلي جي صورت ۾ جامعه اسلاميه کان ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر / رٽرننگ آفيسر آصف رضا چانڊيو جي آفيس پهتو جتي رٽرننگ آفيسر جي غيرموجودگيءَ ۾ راشد محمود سومرو پنهنجي ڀاءُ مولانا ناصر خالد محمود سومرو، جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي ۽ ٻيان اڳواڻن سان گڏجي انتظار ڪندو رهيو بعد ۾ رٽرننگ آفيسر پهچي اين اي 194 لاءِ مولانا راشد خالد محمود سومرو جي ڪاغذن جو جائزو ورتو ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان ڪاغذن جي مڪمل ڇنڊڇاڻ نه ٿيڻ تي کيس سڀاڻي صبح ٻيهر طلب ڪري ورتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جميعت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو ته اڄ مون کي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي تاريخ ڏني وئي جنهن تي مان آر او وٽ پيش ٿي پنهنجا سڀ ڪاغذ جمع ڪرايا پر آر او ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن جي قاعدن موجب نيب، ايف آءِ اي، مختلف عدالتن ۽ کاتن کان اهي ڪاغذ نه پهتا آهن تنهن ڪري آر او اسان جي ڪاغذن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ڊپارٽمينٽل طور ڪجهه شيون نه پهچي سگهيون جنهن تي آر او سڀاڻي ساڍي ڏهين وڳي جو ٽائيم ڏنو آهي ان لاءِ مان سڀاڻي ٻيهر ايندس. اليڪشن ڪميشن کان دروخواست آهي ته اسان چئن تڪن تان فارم جمع ڪرايا آهن آر او تاريخ ڏئي، هي اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته هو اسڪروٽني کان اڳ سموريون شيون مڪمل رکي بحرحال ان ۾ سستي اليڪشن ڪميشن جي طرفا آهي. مان اميد ڪيان ٿو ته اهڙي قسم جي سستي سڀاڻي نه ٿيندي ۽ ڪاغذن جو جائزو وٺي حتمي فيصلو جاري ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪالهه منهنجي ڀاءُ بلاول ڀٽو زرداري هتي پريس ڪانفرنس ڪري سنڌ جي ترقي، عوام، غربت جي ڳالهه ڪئي پر اهي غريب هئا جيڪي ڪالهه بلاول جي گاڏي پويان نعرا هڻي رهيا هئا ۽ سيڪيورٽي آفيسرن جا ڌڪا کائي رهيا هئا اهي غريب عوام آهن جيڪي دربدري واري زندگي گذاري رهيا آهن، 75 سالن کان ڀٽو جو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جي سهاري نسلن کان وٺي عوام اوهان مٿان اعتماد ڪيو پر عوام اڄ به روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان لاءِ ترسن پيا. بلاول هائوسنگ اسڪيم جي ڳالهه ڪئي جن متاٿرن کي گهرن جون چاٻيون حوالي ڪيون ويون بلاول انهن گهرن جو دورو به ڪري ها، مان کيس دعوت ٿو ڏيان ته هو وقت ڪڍي مان ان سان پاڻ ويندس ته اهي 1800 کان 2 هزار نه پر 100 گهر به ناهن تنهن ڪري غريبن سان مذاق بند ڪيو وڃي. هن چيو ته بلاول اسپتالن، ايس آءِ يو ٽي ۽ چائلڊ لائيف هيلٿ ڪيئر جي ڳالهه ڪئي، بلاول صاحب توهان ڪهڙي چائلڊ لائيف جي ڳالهه ٿا ڪيو جتي ٻه ڏينهن منهنجي ڌيءَ ڊاڪٽرن جي نااهلي جي ڪري فوت ٿي وئي، مان پاڻ ان اسپتال جي ايمرجنسي ۾ ٽن ڪلاڪن تائين موجود هيس ان دوران 10 ٻارن جا جنازا اتان نڪتا ۽ ڪنهن به ٻار جي صحت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو، جنهن هيلٿ ڪيئر ۾ علاج نه ملي ۽ هر اڌ ڪلاڪ کان پوءِ اتان جنازا نڪرن ٿا ته بلاول صاحب توهان ڪهڙي منهن سان ان هيلٿ ڪيئر جي ڳالهه ڪيو ٿا اهو ان ڪري جو هتان توهان جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي منٿليون پهچن ٿيون. بلال صاحب توهان ڪهڙي منهن سان صفائي سٿرائي جي ڳالهه ڪيو ٿا جو اڄ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ بيٺا آهيون ته هتي مٽي اڏامي رهي آهي جيڪڏهن سرڪاري آفيسن ۾ صفائي سٿرائي نه هوندي ته پوءِ شهر ۾ ڪهڙي صفائي سٿرائي هوندي اهو ڍونگ بند ڪري ڇڏيو، توهان چئو پيا ته توهان عوام جي ڳالهه ٿا ڪيو، مڪاني چونڊن ۾ به توهان تڪبنديون ٽوڙي آر اوز ۽ ڊي آر اوز جي ذريعي کٽيون هاڻي به چئو پيا ته لاڙڪاڻو اسان جو آهي ۽ معظم علي عباسي جا 5 هزار ووٽ سندس گهر شيخ زيد شهر مان کڻي ڪري ٻهراڙي ۾ منتقل ڪري ڇڏيا ۽ اڃان چئو ٿا ته اسين کٽينداسين ۽ عوام توهان سان گڏ آهي جيڪڏهن عوام اوهان، ڀٽو صاحب ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو مٿان اعتماد ڪري رهي آهي ته پوءِ تڪ ۽ يونين ڪائونسل ڇو تبديل ڪري رهيا آهيون ۽ پوءِ اسان اليڪشن ڪميشن جي ڪردار تي کلون يا روئون. هن چيو ته سنڌ مان ايم ڪيو ايم، گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، پاڪستان مسلم ليگ ن، جميعت علماءِ اسلام ۽ آزاد اميدوارن تڪن تي اعتراض ڪيا ۽ اليڪشن ڪميشن پوري سنڌ ۾ سمورن جماعتن جي اعتراض وارن درخواست کي نه ٻڌو ان جي ڀيٽ ۾ پيپلز پارٽي جن تڪن جي سفارش ڪئي اتي 100 سيڪڙو انهن جي خواهش موجب ٺاهيا ويا جيڪڏهن ائين ٿيندو ته پوءِ اعتراض ته ضرور اٿاريا ويندا. اميد رکان ٿو ته عام چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون تنهن ڪري اچو اليڪشن ۾ اسان جو مقابلو ڪيو پر آر آوز، تڪبندين، آفيسرن، سسٽم جو سهارو نه وٺو ۽ عوام ۾ وڃو، ڪالهه به فارم جمع ڪرائڻ وقت عوام توهان کي پنهنجو غضب ڏيکاريو ۽ 8 فيبروري تي عوام جي غضب کي منهن ڏيڻو پوندو، سنڌ ۾ متبادل قيادت ۽ قوت جميعت علماءِ اسلام آهي، 8 فيبروري لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ ۾ ڪتاب ئي ڪامياب ٿيندو. ان موقعي تي جي يو آءِ اڳواڻ ارشد محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا الياس چنه، جمال مصطفيٰ، آصف علي مگسي، ايڊووڪيٽ سعيد احمد مگسي سميت ٻيا اڳواڻ ۽ ڪارڪن وڏي انگ ۾ موجود هئا.