My WordPress Blog

قومپرستن جي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، سوچيندڙ طبقو ڪردار ادا ڪري: ساڃاهه ونڌ

0

حيدرآباد: (رپوٽر ) سنڌ جي قومپرستن، ساڃاهه ونڌن ۽ ترقي پسند سوچ رکندڙن چيو آهي ته قومپرستن جي پارليامينٽ ۾ وڃڻ لاءِ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ قومپرستن جو پارليامينٽ ۾ وڃڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، جنهن لاءِ پڙهيل لکيل ۽ سوچيندڙ طبقي کي متحرڪ ٿي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. حيدرآباد ۾ پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ ۽ آن لائين انڊس ميڊيا گروپ جي سي اِي او خالد کوکر طرفان ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي باني اڳواڻ منور ھاليپوٽي جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو. آجياڻي دوران ڳالھائيندي ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي اڳواڻ ڊاڪٽر منور ھاليپوٽي چيو ته سنڌ جي ڏاھن جي صلاح سان جوڙيل قومي ڪيس سنڌ چارٽر جي شڪل ۾ دنيا جي مخلتف ملڪن جي حڪومتن، گڏيل قومن ۽ اسڪالرن سامھون رکيو آھي، سفارتي محاذ تي سنڌ چارٽر کي مانائتي موٽ ملي آھي ۽ اسان پنھنجو ڪيس دنيا آڏو رکڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون.  ڊاڪٽر منور هاليپوٽي وڌيڪ چيو ته انڊيا جي وزيراعظم نريندر مودي آمريڪا جي دوران ھندستاني حڪومت اکنڊ ڀارت واري مھم ھلائي سنڌ جي ھندستان جي حصي واري ڳالھ ڪري ھندستان سان ان جي ٻيھر الحاق واري ڳالھ ڪئي آھي، جيڪا ڳالھ تاريخي طور تي صحيح ناھي، ڇو ته سنڌ پنھنجي 10 ھزار سالن جي تاريخ ۾ گھڻي حد تائين آزاد ملڪ به رھي آھي، سنڌ اسان جو مادر وطن آھي، ھر محاذ تي ان جو دفاع ڪنداسين ۽ اسين پنھنجو قومي وجود ميسارجڻ نه ڏينداسين. آجياڻي تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي قومي وجود کي ميسارڻ لاء سياست ۾ جاگيردارن ۽ ھٿ ٺوڪين جمھوريت پسندن کي مضبوط ڪري قومپرستن ۽ ھيٺئين طبقي لاء پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جا در بند ڪيا ويا آھن، سياست ۾ اسين سنڌ وطن ۽ ورڪنگ ڪلاس پاسي ٿي بيٺا آھيون، اسان جو مقصد سنڌ جو قومي وجود بچائڻ ۽ ھيٺئين طبقي کي مک سياسي ڌارا ۾ بيھارڻ آھي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته اسان جو وچن آھي ته وڏڙن جيڪا سنڌ اسان کي ڏني آھي ان جي انچ انچ جو دفاع ڪنداسين ۽ ھر محاذ تي وڙھنداسين، ھن اليڪشن ۾ به  هو ٽنڊي محمد خان جي شاھ ڪريم بلڙي واري تڪ تان چونڊ وڙھي رھيو آھي، قاسم آباد ۾ اسين قومي عوامي تحريڪ جي اميدوار اياز لطيف پليجو ۽ سڪرنڊ ۾ چونڊن ۾ زين شاھ جي ڀرپور مدد ڪنداسين، اسان جون اکيون نئين سنڌ اڏڻ جا خواب ڏسي رھيون آھن.  قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي جي لاء ميدان صاف ڪري اسيمبلين ۾ آڻي حڪومتون ڏنيون وڃن ٿيون، پارليامينٽ ۾ سنڌ جي نمائندگي ناھي، پ پ اقتدار ۾ اچي وسيلن کي وڪڻي اربين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿي پر اسين نئين تاريخ اڏيندڙ آھيون، ھر محاذ تي پيپلز پارٽي ۽ سنڌ مخالفن جو مقابلو ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو ته عام چونڊن ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ اسان ھڪٻئي جي مدد ڪنداسين  نامياري قانوندان ۽ 4 مارچ جي ھيرو يوسف لغاري چيو ته سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند ڌرين کي ھڪ ڌارا ۾ بيھڻ گھرجي، اسين سڄيء سنڌ ۾ سنڌ ۽ ھيٺئين طبقي جو آواز بڻجندڙ اميدوارن جي عملي مدد ڪنداسين. تقريب کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته اسان سدائين سنڌ جي آجپي ۽ خوشحالي لاء ويڙھاند ڪئي آھي. ھن اکنڊ ڀارت واري تصور کي رد ڪندي چيو ته اسين ھڪ کوھ مان نڪري ٻئي کوھ ۾ ڪرڻ نٿا چاھيون. نامياري صحافي خالد کوکر چيو ته جڏھن اسين لنڊن ويندا آھيون تہ ڊاڪٽر منور هاليپوٽو سنڌ دوستن کي گڏ ڪري قومي ڪچھري جو بندوبست ڪندو آھي، ھن سنڌ لاء سدائين سوچيو ۽ لوچيو آھي.ڊاڪٽر منور هاليپوٽي جي مان ۾ رکيل فڪري ويھڪ ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، ايس ٽي پي اڳواڻ ھوت خان گاڏھي، ڊاڪٽر مظھر ميمڻ، ڊاڪٽر احمد خان نوناري، سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر بدر چنا، موندر خان ٻرڙو، ٽنڊوالهيار جي ناليواري شخصيت آفتاب کوکر، احمد کوکر، لمس جي اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر بيکا رام، آمريڪا ۾ سنڌ لاءِ جاکوڙيندڙ قادر سرڪي،عبرت گروپ جي سينيئر نيوز ايڊيٽر ۽ ايڇ يو جي جنرل سيڪريٽر جئي پرڪاش موراڻي، آن لائين انڊس ميڊيا گروپ جي ڊائريڪٽر نيوز ڄام فريد لاکو، اسلم چانڊيو، هادي بخش کوکر، ساجد کوکر ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.