My WordPress Blog

عام چونڊون 2024: ڪيترن تڪن تان پيءُ پٽ، مڙس زال ۽ ڀاءُ آمهون سامهون ٿي ويا

0

اسلام آباد: (م ڊ )  عام چونڊن ۾ ڪيترن ئي تڪن تان پيءُ، پٽ، مڙس، زال ۽ ڀاءُ پاڻ ۾ آمهون سامهون اچي ويا آهن. بلوچستان جي تڪ پي پي 16 تي مسلم ليگ(ن) جو اڳوڻو صوبائي وزير فائق علي جمالي، سندس گهر واري ۽ ضلعي چيئرمين راحت جمالي ۽ سندس پٽ  اسفنديار جمالي اميدوار جي طور تي آمهون سامهون آهن. اهڙي طرح تڪ پي پي 17 تي بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير جان محمد جمالي، سندس ڌيءَ سينيٽر ثناءَ جمالي ۽ پٽ فاروق جمالي به اميدوار جي طور تي آمهون سامهون اچي ويا آهن. ڪراچي جي اين اي 255 تي اڳوڻي وزيراعظم مرحوم ظفر الله جمالي جا 2 پٽ عمر خان جمالي ۽ جاويد خان جمالي به اميدوار جي طور تي آمهون سامهون آهن. بلوچستان جي تڪ پي پي 4 بارکهان جي سيٽ تي سردار عبدالرحمان کهيتران جي مقابلي ۾ سندس پٽ نامزدگي  ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.  عبدالانعام  شاهه کهيتران پيپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جڏهن ته سردار عبدالرحمان کهيتران(ن) ليگ جي ٽڪيٽ تي چونڊون وڙهي رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.