اسلام آباد: (م ڊ ) سڄي ملڪ ۾ ايندڙ عام چونڊن جو ٻيون مرحلو شروع ٿي ويو آهي. اڄ کان جمع ٿيل سمورن نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿي ويو آهي جيڪو 31 ڊسمبر تائين جاري رهندو. اسڪروٽني ۾ ڪاغذ رد يا منظور ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونلز ۾ اپيل ٿي سگهندي. ريٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف سڀاڻي اڱاري 26 ڊسمبر کان اپيلون داخل ڪري سگهبيون. ريٽرننگ آفيسرن جي آفيس جي سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. ريٽرننگ آفيسرن آفيس ۾ ريلين جي صورت ۾ اچڻ تي پابندي لڳائيندي نعريبازي تي به پابندي هڻي ڇڏي آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته ريٽرننگ آفيسرن جي لاءِ نامزدگي ڪاغذن جي جانچ پڙتال جي آساني لاءِ آن لائن سهوليت مرڪز اليڪشن ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ قائم ڪيو ويو آهي. اهڙي سهولت مرڪز جي مدد نادرا، قومي احتساب بيورو، ايف آءِ اي، ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ ڪري رهيا آهن. ريٽرننگ آفيسرن طرفان مليل اميدوارن جا ڪاغذ ضروري ڪارروائي جي لاءِ انهن ادارن ڏانهن اماڻيا پيا وڃن. اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري پاور ڊويزن، سيڪريٽري پيٽروليم ڊويزن، سيڪريٽري نيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن ڊويزن، سيڪريٽري هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن، چئني چيف سيڪريٽريز ۽ چيئرمين سي ڊي اي کي به لکت جي طور تي آگاهه ڪيو آهي ته اهو ريٽرننگ آفيسرن کان اميدوارن جي فهرست حاصل ڪري حڪومت جا سمورا وفاقي، صوبائي ادارا فوري طور تي ريٽرننگ آفيسرن سان رابطو ڪن. اميدوارن جي فهرست 24 ڊسمبر 2023 تي جاري ڪئي وئي آهي.