شاهپورچاڪر(رپورٽرگلزارملاح)شاهپورچاڪر محترمہ بينظير ڀٽو شھيد جي 16 ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان پيپلزپارٽي شاهپورچاڪر پاران رند هائوس تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ ٽائون ڪميٽي جي ڪائونسلرن،پ پ يوٿ ونگ ،ليڊيزونگ،سپاف،ليبرونگ جي عهديدارن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي،ان موقعي تي پيپلزپارٽي شاهپورچاڪرجي باني اڳواڻ ڊاڪٽر غلام حيدر ڌامراه،پ پ سٽي صدر عبدالقادر ڏاهري،ليڊيز ونگ ضلع سانگهڙ جي جنرل سيڪريٽري ريحانہ چانڊيو،پ پ تعلقي شھدادپور جي آفيس سيڪريٽري غلام مصطفيٰ ملاح،ٽائون جي وائس چيئرمين سالم شير رند،شيلا نوشاد بلوچ،دريا خان عمراڻي، عبدالله انجم ملاح عبدالرشيد سومرو ۽ ٻين چيو تہ شھيد راڻي محترمہ بينظير ڀٽو غريب مسڪين هارين پورهيتن ۽ مزدورن جي اڳواڻ ھئي جنهن هميشہ انهن جي حقن جي ڳالھ ڪندي شھادت ماڻي،هو عورت هجڻ جي باوجود پنهنجي والد ذوالفقار علي ڀٽو شھيد ۽ ڀائرن وانگي دلير هئي جنهن کي خبر هئي تہ رات جا رهزن سندس زندگي ختم ڪرڻ چاهين ٿا پر هن عظيم اڳواڻ پنهنجي پاڻ کي عوام کان جدا نہ ڪيو ۽ شھادت ماڻي،هنن چيو تہ شھيد راڻي جئين ذوالفقار علي ڀٽو شھيد جي فلسفي ۽ نظريي کي اڳتي کڻي هلي تئين بلاول ڀٽو انهي ساڳئي فلسفي تي عمل پيرا آھي پيپلزپارٽي ئي عوامي جمهوري پارٽي آھي جنهن وٽ عوامي مسئلن جو Gحل آھي،هنن چيو تہ شھيد راڻي کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لا 9 وينن ۽ 17 ڪارن جو قافلو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو پهچي شھيد جي آخري آرام گاه تي گلن جي چادر چاڙھيندو ۽ جلسي عام ۾ ڀرپور شرڪت ڪندو