اسلام آباد: (م ڊ ) تحريڪ انصاف چونڊ نشان ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. تحريڪ انصاف جي مرڪزي ترجمان معظم بٽ چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊ نشان واپس وٺڻ جي خلاف سڀاڻي پشاور هاءِ ڪورٽ وينداسين. ڪيس بابت پٽيشن تيار ڪري ورتي آهي. معظم بٽ چيو ته اسان جي ڪوشش هوندي ته پٽيشن سڀاڻي ئي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ٿئي. پٽيشن ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني فيصلو ڪيو آهي. غير لاڳاپيل شخص جي درخواست تي چونڊ نشان واپس وٺڻ غيرقانوني آهي.