چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا
لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن مشڪل وقت ۾ ملڪ جي 70 سيڪڙو آبادي نوجوانن جي آهي، موقعو مليو ته نوجوانن کي رليف پهچائينداسين. هن چيو ته پ پ پ جو ڪنهن به سياستدان يا سياسي پارٽي سان نه پر بيروزگاري، غربت، معاشي بحران، مهانگائي جي طوفان سان آهي ڇاڪاڻ عوام کي ان کان بچائڻو آهي، پيپلز پارٽي جي تاريخ رهي آهي، ملڪي عوام سان گڏجي مسئلا حل ڪنداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام ڏانهن ڏسي پئي ۽ اسان کي عوام تي ڀروسو آهي، قائد عوام اها سوچ ڏني ته طاقت جو سرچشمو عوام آهي، مستقبل ۾ اميد آهي ته جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عوام جي تقدير بدلائي ڇڏي. هن چيو ته عمران خان کي رليف ته ملي پيو، سائفر ڪيس سنگين آهي، مان ڪنهن به سياستدان جي خلاف سياسي انتقام جي خلاف ناهي رهيو، پيپلز پارٽي سياسي انتقام ڀوڳيو آهي ۽ ٻين سان ائين نه ٿئي، سائفر هڪ ڪلاسيفائيڊ ڊاڪيومينٽ آهي، پاڪستان جو ڪلاسيفائيڊ ڊاڪيومينٽ رياست جي امانت آهي ان معاملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي هي وڏو نيشنل بريچ ٿيو آهي، مان پرڏيهي وزير رهيو آهيان، سائفر جون صرف ڪجهه ئي ڪاپيون ٺهنديون آهن جيڪي صرف پرڏيهي وزير، وزيراعظم ۽ صدر لاءِ هوندو آهي. خان صاحب وارو سائفر گم ڪيو ويو ۽ گم ڪري اهو عالمي ميڊيا کي ڏنو ويو ان تي ڪيترائي سوال اٿن ٿا ان بابت حڪومت ۽ جج جاچ ڪن. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاڻ اليڪشن وڙهي رهي آهي ۽ اسان جو ڪنهن سان اتحاد ناهي، اسان سڀني جو احترام ڪيون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته هر ڪوئي سياست ڪري ۽ پي پي پي هر سياسي ڪارڪنن کي پيغام ڏئي ٿي ته اسان سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکون، اسان اهڙن پارٽين سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جيڪي سياسي انتقام تي يقين نه ٿا رکن. هن چيو ته اسان ماضيءَ مان سکي چڪا آهيون، چونڊن ۾ حصو وٺي عوامي حڪومت ٺاهينداسين، ملڪ ۾ جيالو وزيراعظم ٿيندو. هن چيو ته اتحاد هر اليڪشن ۾ هوندا آهن، اسان سڀني کي دعوت ٿا ڏيون ته اچو گڏجي اسان جو صحيح طريقي سان مقابلو ڪيو اسين تيار آهيون. هن چيو ته نواز شريف جو پراڻو نعرو مجهي ڪيون نڪالا هاڻي نواز شريف جو نعرو هوندو مجهي ڪيون بلايا هوندو. هن چيو ته عمران خان جو بيٽ ڪڏهن بيٽ نه هو خاص طور اهو نشان خان کي ڏنو ويو منهنجي خيال ۾ ان جو ڪو خاص اثر نه ٿيندو. هن چيو ته آفتاب شعبان ميراڻي اڳ وڏو وزير رهي چڪو آهي، ان جي ايمانداري تي شڪ ناهي، مان جن تڪن تان چونڊ وڙهي رهيو آهيان اهي ٻئي تڪ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا تڪ آهن انهن تڪن تي ترقياتي ڪم ڪرائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته غزا جي صورتحال بابت نگران پرڏيهي وزير محنت ڪيو آهي ۽ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي نمائندي منير اڪرم ڀرپور نموني فلسطين جو ڪيس وڙهي رهيا آهن پر چونڊيل حڪومت ايندي ته اها حڪومت فسلطين جي آواز بڻجندي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري پارٽي اڳواڻن سان گڏجي لاڙڪاڻي پهچي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 تي پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرايا. ان موقعي تي پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر نثار کهڙو، جميل احمد سومرو، خورشيد احمد جوڻيجو، سهيل انور سيال ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ پڻ ساڻس گڏ هئا.