My WordPress Blog

پيپلز پارٽي ارباب عالمگير ۽ عاصمه عالمگير کي پرچائي ورتو

0

پشاور: (م ڊ ) پاڪستان پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جي صدر محمد علي شاهه باچا ارباب عالمگير ۽ عاصمه عالمگير کي پرچائي ورتو آهي. ذريعن موجب ارباب خاندان کي پرچائڻ ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ارباب عالمگير قومي ۽ سندس پٽ خيبرپختونخواهه جي سيٽ تان چونڊن ۾ حصو وٺندا. پيپلز پارٽي جي طرفان عورتن جي مخصوص سيٽ عاصمه عالمگير کي ملندي. ارباب عالمگير اين اي 31 ۽ زرڪ خان پي ڪي 80 جي لاءِ جڏهن ته عاصمه عالمگير قومي اسيمبلي جي لاءِ عورتن جي مخصوص سيٽ تي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ارباب عالمگير چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سان سمورا شڪوا ختم ٿي ويا آهن. پيپلز پارٽي جمهوري پارٽي آهي. اختلاف راءِ جمهوريت جو حسن آهي. پيپلز پارٽي سان ڪافي وقت کان جڙيل آهيون. آصف زرداري، بلاول ڀٽو ۽ يوسف رضا گيلاني کان تمام گهڻو پيار ۽ پنهنجائپ ملي آهي. ياد رهي ته گذريل مهيني ٻنهي اڳواڻن پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو هو جنهن کان پوءِ پارٽي قيادت طرفان اهم اڳواڻن کي کين پرچائڻ جون ذميواريون ڏنيون ويون هيون.

Leave A Reply

Your email address will not be published.