My WordPress Blog

ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو واڌو پڳھارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري

0

ٺاروشاھه(رپورٽر سيد شھباز بخاري )ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي ملازمن جو واڌو پڳھارون نه ملڻ خلاف احتجاج جاري ملڪ ۾ قانون جو نالو باقي بچو آھي لاقانونيت انتھاء درجي تي پھچي وئي آھي ملازم خبر موجب ٺاروشاھ ٽائون ڪاميٽي جي سينٽري ورڪرن جو الله ڏنو شيخ حاڪم علي شيخ شاھد شيخ ۽ حسين شيخ  نيشنل پريس ڪلب تي احتجاج ڪندي چيو ته گزريل ھڪ مھيني کان مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون ڪير ٻڍڻ وارو ناھي لڳي ٿو ته ملڪ ۾ قانون نالي جي ڪا شي ناھي لاقانونيت عروج تي پھچي چڪي آھي ٽائون آفيسر عبدالحميد ملڪ فرحان ميمڻ ۽ سراج ڀرٽ موت مار ۽ اسان جا ڪچا ملازم نوڪرين تان لاھڻ جي ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن اسان کي ۽ اسان جي بچن کي حراسان ڪري رھيا آھن اسان کي ذھني مريض ٻڻائي ڇڏيو آھي تڪ جا سياسي بااثر ماڻھو به انکيون ۽ ڪن بند ڪري ويا آھن ٽائون ملازمن کي حقن لاء ڪير ساٿ نه ٿو ڏئي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا ھنن وڌيڪ چيو ته تڪ جو اڳوڻو ايم پي سيد مراد علي شاھ ۽ ايم اين اي سيد ابرار علي شاھ به پنهنجي حڪومتي دور ۾ ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاھ جي ملازمن جا مسئلا حل نه ڪيا ملڪ ۾ چونڊن جو اعلاڻ ٿيڻ کا پوء تڪ تي وڏي پيماني تي فارم ڀرائڻ جو سلسلو جاري آھي اڳوڻا چونڊيل ۽ علاقي جا بااثر سياسي ماڻھو به ٽائون ملازمن جو مسلسل احتجاج ڏسڻ باوجود به لاعلم آھن ۽ ڪو به  مدد نه ٿا ڪن جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا ھنن قانون جي اعليٰ ادارن ۽ عملدارن کان گھر ڪندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي ٺاروشاھ جي ٽي سو کان مٿي ملازمن کي گزريل پنچ مھينن جون وڌيل پڳھارون ڏئي عبدالحميد ملڪ فرحان ميمڻ سراج ڀرٽ خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي انصاف ٿيڻ تائين احتجاج جاري رھندو

Leave A Reply

Your email address will not be published.