My WordPress Blog

نگران وزيرن جون بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ڳالهيون: جائز مطالبا پورا ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو

0

اسلام آباد: (م ڊ) اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي سامهون بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي مظاهرين جو احتجاج جاري آهي. نگران وزيراعظم جي قائم ڪيل ڪميٽي جي ميمبرن ڳالهيون ڪيون. وفاقي وزير فواد حسن فواد ۽ مرتضيٰ سولنگي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر ملڪ ولي ڪاڪڙ به نگراني وفاقي وزيرن سان گڏ موجود هو. بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي نمائندن  سان ڳالهين ۾ فواد حسن فواد چيو ته هو هتي وزيراعظم طرفان ڳالهيون ڪرڻ آيو آهي. مظاهرين جا سمورا جائز مطلبا پورا ڪيا ويندا. ڪميٽي جي ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون سٺي ماحول ۾ ٿيون. ڌرين طرفان اڄ ٻيهر ڳالهين تي راضپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان کان اڳ ڏينهن جو به بلوچستان جي گورنر ملڪ ولي ڪاڪڙ به مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون. هوڏانهن قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير، فرحت الله بابر ۽ سينيٽر مشتاق احمد به بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي مظاهري ۾ شريڪ ٿيو. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ فرحت الله بابر صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته بلوچ بنيادي انساني حق گهري رهيا آهن جڏهن ته جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته آئين تي عمل ڪندي سمورن جبري ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويندو. ٻئي طرف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان خصدار، حب، قلات، گوادر سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ شٽربند هڙتالون ڪيون ويون، ڀواني جي هنڌ تي ڪراچي، ڪوئٽه، قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب ٽريفڪ ٻئي ڏينهن به معطل رهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.