نوشهرو فيروز زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف طرفان احتجاجي ريلي
نوشهرو فيروز :(ايم ظفر تڳر)زرعي انقلاب ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ٿيندڙ قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ سنڌياڻين سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ عوام شرڪت ڪئي. شريڪ ڪارڪن زمينن جي نيلامي خلاف زوردار نعرا هڻي رھيا ھئا. ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي حسين سومرو، سليم ڀنگر، سنڌياڻي تحريڪ جي شاهين خاصخيلي، صفيه سرمد، خالد تنيو، عبدالسلام سومرو ۽ ٻين چيو ته هڪڙي پاسي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن ڪري اسان جون زمينون سمنڊ ڳهي رهيو آهي ته ٻئي طرف وري زمينون عسڪري ادارن ۽ غير ملڪي سرمائيدارن حوالي ڪيون پيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا انساني حقن جي لتاڙ آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻوڏ متاثر خاندانن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ پلاٽ ڏنا وڃن ته جيئن اهي شهرن ۾ روزگار حاصل ڪري گذر سفر ڪري سگهن. ۽ ڳوٺن ۾ موجود سرڪاري زمينون بي زمين هارين کي مفت ۾ ڏنيون وڃن.