نصيرآباد ۾ امن امان جي بحالي خواب بڻجي وئي . پوليس غائب ،ڏوهاري .هڪ رات ۾ چوري جون ٻه الڳ الڳ وارداتون.شھرين ۾ خوف
نصيرآباد(عبدالقادر منگي )۾ امن امان جي بحالي خواب بڻجي وئي . پوليس غائب ،ڏوهاري سرگرم.هڪ رات ۾ چوري جون ٻه الڳ الڳ وارداتون.شھرين ۾ خوف.سڄاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي قمبر کان امن ڪرائڻ لاءِ مطالبو.تفصيل موجب: پوليس جي سستي سببن ڏوهارين پنهنجون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون.نامعلوم چورن صحافي عبدالمجيدبروھي، سپاف تعلقا نصيرآباد جي صدر لالاسارنگ بروھي جي باء پاس تي سارنگ آٽوز جا تالا ٽوڙي موبل آئل،ٽائر ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا. جڏهن ته شهر جي مين بازار موبائل مارڪيٽ مان مڱيرا کپائيندڙ رجب شيخ جي گهر جا نامعلوم چور تالا ٽوڙي چوري ڪري ويا، متاثر جون دانهون.هوڏانهن شهر جي سڄاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف نوٽيس وٺي.شهر جو امن بحال ڪرايو وڃي،۽ شهر مان ٿيل چوريون واپس ڪرايون وڃن.