لاهور: (م ڊ) ايندڙ سال 8 فيبروري تي چونڊ شيڊول جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو اڄ آخري ڏينهن آهي. ڪراچي کان وٺي خيبر تائين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ آزاد اميدوارن طرفان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اميدوار اڄ شام ساڍي 4 وڳي تائين نامزدگي ڪاغذ لاڳاپيل ريٽرننگ آفيسرن وٽ جمع ڪرائي سگهن ٿا. اڄ نوازشريف لاهور کان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اين 130 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته خرم دستگير خان اين اي 78 گوجرانوالا جي سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي اين اي 150 ملتان تان به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اين اي 150 تان زين قريشي ۽ مهربانو قريشي به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جڏهن ته اين اي 180 ڪوٽ ادو تان اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کهر نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي به ڪراچي تان اين اي 249 جي سيٽ تي نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته تڪ بندين تي اعتراضن بابت ٻڌڻي چونڊن کان پوءِ ڪئي ويندي. هن وقت درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي ته چونڊ پروگرام تي منفي اثر پوندا. ياد رهي ته هاءِ ڪورٽ تڪ بندين جا 15 ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيا آهن. سپريم ڪورٽ جي هدايت آهي ته اليڪشن ڪميشن 30 نومبر جي تڪ بندين تي چونڊون ڪرائي.