My WordPress Blog

لاڙڪاڻو ۾4  رجب تي پير سيد غلام حسين شاهه بخاري رحمت الله عليه جو پهريون ساليانو عرس جون تياريون زور و شور سان جاري

0

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) 4 رجب تي پير طريقت رهبر شريعت ولي ڪامل حضرت قبله سائين سيد غلام حسين شاهه بخاري غفاري نقشبندي رحمت الله عليه جو پهريون ساليانو عرس مبارڪ درگاهه حسين آباد قمبر شريف ۾ ٿي رهيو آهي. سالياني عرس جون تياريون زور و شور سان جاري آهن، عظيم الشان جلسي جي صدارت قبله سيد عطاء الله شاھ بخاري حسيني جن ڪندا،  جڏهن ته صاحبزاده سيد نصر الله شاھ بخاري ، صاحبزاده سيد ثناء الله شاھ بخاري ، مولانا محمد علي جت حسيني ،علامه مفتي نور محمد پتافي حسيني ، مولانا منظور علي مهيسر حسيني، مفتي محمد احمد چانڊيو حسيني ، قاري غلام اڪبر سهڙو حسيني ، مولانا خليل احمد چنا حسيني ، علامه غلام مصطفي ڪلال حسيني ، فقير رستم علي حسيني سميت پنجاب صوبي کان ناليوارو عالم دين استاد العلماء حافظ مفتي عبدالستار سعيدي ، درگاهه عاليه رحمت پور شريف کان پير طريقت رھبر شريعت قبله سائين عبدالغفار جان نقشبندي ، پير طريقت قبله سائين ڪرم الله الاھي نقشبندي مدني ۽ ٻيا خصوصي خطاب ڪندا.جڏھن ته عظيم الشان پهرين سالياني عرس مبارڪ جي اجتماع ۾ شرڪت لاء سنڌ ، پنجاب ، بلوچستان صوبن سميت ٻين ملڪن جا عاشقان رسول به وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪندا. ھوڏانھن درگاھ جي پراڻي خدمتگار حافظ بشير احمد چانڊيو حسيني ٻڌايو ته هر هڪ حسيني جي تمنا آهي ته پنهنجي پير و مرشد قبلہ عالم حضرت قمبر واري سائين رح جي دربار ۽ سالياني عرس مبارڪ ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪريون ان لاءِ سمورا انتظام ڪيا پيا وڃن .

Leave A Reply

Your email address will not be published.