لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو جي ملازمن جوپريس ڪلب لاڙڪاڻو اڳيان احتجاج ستين ڏينهن به محنت ڪش ليبر يونين جي سڏ تي جاري رھيو جتي ميئر لاڙڪاڻو انور علي لھر پھچي خاطري ڪرائي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ايندڙ اڱاري تي ڪائونسل جي اجلاس ۾ رٿ پاس ڪري ملازمن کي واپس ميونسپل ڪارپوريشن لاڙڪاڻو ۾ جوائنگ ڏئي سالياني انڪريمنٽ سان گڏ سمورن ملازمن جي گڏيل ماھوار پگهار جاري ڪئي ويندي، اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ يونين جي چيئرمين طيفور منور سانڊاڻو، صدر رسول بخش شاھاڻي، جنرل سيڪريٽري شام لعل کرارا ۽ قلندربخش شاھاڻي کي دعوت پڻ ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ملازم اڳواڻن چيو ته اسان کي ميئر انور علي لهر جن تي مڪمل اعتماد آھي ته اسان سان ڪيل ڳالھين تي پورو لھندو تنهن ڪري محنت ڪش ليبر يونين پنهنجي لڳل احتجاجي ڌرڻي ختم ڪرڻ جواعلان ڪري ٿي.