My WordPress Blog

لاهور مان شهبازشريف، مريم نواز، بلاول سميت 200 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

0

لاهور: (م ڊ ) لاهور ۾ ڪير ڪنهن سان مهاڏو اٽڪائيندو؟ لاهور مان قومي اسيمبلي جي 14 تڪن تي 200 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. صوبائي اسيمبلي جي 30 سيٽن تي 400 کان وڌيڪ اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 117 تان پيپلز پارٽي جي آصف هاشمي، (ن) ليگ جي ملڪ رياض ۽ آءِ پي پي جي عليم خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. اين اي 118 تان (ن) ليگ جي حمزه شهباز، پي ٽي آءِ جي محمد خان مدني ۽ غلام محمي الدين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. اين اي 119 تان مريم نواز، عليم خان سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 120 تان مريم نواز، خواجه سعد رفيق، اياز صادق، عطا تارڙ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 122 تان پي ٽي آءِ جي باني، لطيف کوسه، اظهر صديق نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 123 تان شهباز شريف، پي ٽي آءِ جي افضال پاهت، جماعت اسلامي جي لياقت بلوچ سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. اين اي 124 ان آءِ پي پي جي عون چوڌري، رانا ضمير جهيڊو سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. اين اي 125 تان ن ليگ جي افضل کوکر، اڳوڻي وفاقي وزير عبدالغفور سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا. اين اي 126 تان جماعت اسلامي جي امير العظمي، سيف الملوڪ، ڪرامت کوکر سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 127 تان بلاول ڀٽو، شائسته پرويز ملڪ، لطيف کوسه سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 128 تان سلمان اڪرم راجه، شفقت محمود، حفظ نعمان سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 129 تان حماد اظهر، مهر اشفياق ،بجاش نيازي سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. اين اي 130 تان نوازشريف، ياسمين راشد، اقبال خام سميت ٻين نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.