My WordPress Blog

عمران خان کي رليف ملندي نظر نه پيو اچي، سائفر ڪيس جي جوڊيشل انڪوائري ڪئي وڃي: بلاول ڀٽو

0

لاڙڪاڻو: (بيرو رپوٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان کي رليف ملندي نظر نه پيو اچي. بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي رليف ملندي نظر نه پيو اچي. پيپلز پارٽي سياسي انتقام تي يقين نٿي رکي. اسان پنهنجن مخالفن سان اهڙو سلوڪ نٿا چاهيون پر سائفر اهم سنجيده ڪيس آهي جنهن جي پوري جاچ ٿيڻ گهرجي. اها قومي سلامتي جي ڀڃڪڙي آهي. بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان کي ڏنل سائفر جو ڪوبه رڪاڊ نه آهي. هن پاڻ چيو ته گم ٿي ويو آهي. ان جي گرفتاري واري ڏينهن اهو عالمي ميڊيا ۾ ليڪ ٿي ويو، عدالت  انهي ڪيس کي سنجيدگي سان وٺي. حڪومت جاچ ڪري يا ججز جوڊيشل انڪوائري ڪن ته سائفر جي پٺيان اصل ڪهاڻي ڪهڙي آهي. صحافين سان ڳالهين دوران بلاول ڀٽو زرداري(ن) ليگ جي اڳواڻ نوازشريف جي مٿان به تنقيد ڪندي چيو ته پهريان ميان صاحب جو نعرو هو ته مون کي ڇو ڪڍيو، هاڻ چونڊن ۾ ان جو نعرو هوندو مون کي ڇو گهرايو؟ بلاول دعويٰ ڪندي چيو ته پ پ جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪوبه مقابلو نه آهي. اسان جو مقابلو معاشي بحران ۽ مهانگائي جي طوفان سان آهي. هن چيو ته حڪومت ٺاهڻ جو موقعو مليو ته ملڪ جي نوجوانن کي رليف ڏينداسين. هن چيو ته مزدورن، هارين کي سندن حق ڏيارڻ چاهيون ٿا صحت جون سهولتون هر شهري جي لاءِ مفت هجڻ گهرجن. ملڪ جي عوام مهانگائي سبب تمام گهڻو پريشان آهي. پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا عوام طرف ڏسي رهي آهي عوام کان سندن ساٿ گهري رهيو آهيان. بلاول ڀٽو چيو ته ڪنهن به سياستدان جي خلاف سياسي انتقام جي حق ۾ نه آهيان. غلطين مان تمام گهڻو سکي چڪو آهيان چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان پوءِ عوامي حڪومت ٺاهينداسين چونڊن ۾ سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته اچي مقابلو ڪريو. چونڊ اتحاد جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته سياسي اڳواڻن تي اعتراض ٿي سگهن ٿا پر پي ٽي آءِ سميت ڪنهن به پارٽي جي سياسي ڪارڪن کي سياست ڪرڻ جي آزادي هجڻ گهرجي. پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي سياسي انتقام تي نه.

Leave A Reply

Your email address will not be published.