My WordPress Blog

عام چونڊون 2024: نوازشريف ۽ ياسمين راشد اين اي 130 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

0

اسلام آباد: (م ڊ ) اليڪشن 2024 جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ جو مشڪل مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي. سڀاڻي 25 ڊسمبر کان نامزدگي ڪاغذن جي اسڪروٽني جو عمل شروع ٿيندو جيڪو 31 ڊسمبر تائين جاري رهندو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ  ميان نوازشريف اين اي 130 تان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. نوازشريف جو ڪورنگ اميدوار بلال ياسين آهي. نوازشريف کي 26 ڊسمبر تي اسڪروٽني لاءِ گهرايو ويو. اين اي 130 تان تحريڪ انصاف جي ڊاڪٽر ياسمين راشد به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. جماعت اسلامي طرفان صوفي خليق ۽ احمد بٽ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. قومي ۽ صوبائي سيٽن لاءِ اميدوارن اڄ به نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا. نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائين جي تاريخ ۾ واڌ سان رش ختم ٿي وئي هئي. آچر جي موڪل جي باوجود سموري ملڪ ۾ ريٽرننگ، اسسٽنٽ آفيسر ۽ عملو آر او آفيس ۾ حاضر رهيو. ان موقعي تي رٽرننگ ۽ اسسٽنٽ رٽرننگ آفيسرن جي آفيس ٻاهران سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا هئا.

Leave A Reply

Your email address will not be published.