پشاور: (م ڊ) مشهور ٽڪ ٽاڪر صندل خٽڪ به عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي لاءِ چونڊ ميدان ۾ انٽري ڏئي ڇڏي. هن خيبرپختونخواهه تان عورتن جي مخصوص سيٽ لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي صندل خٽڪ چيو ته ڪهڙي سياسي پارٽي سان جڙيل آهيان اهو هن وقت نٿي ٻڌائي سگهان منهنجي اباڻي علائقي ۾ تمام گهڻا مسئلا آهن انهن جي حل لاءِ ميدان ۾ نڪتي آهيان. ٽڪ ٽاڪر چيو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ منهنجو مقصد هوندو. گيس اسان جي علائقي جي آهي پر اسان کي نٿي ملي. عورتن کي گيس، بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪيترن ئي روڊن جا ڪم اڌ ۾ ڇڏيا ويا آهن. مون کي عوام جي حمايت حاصل آهي انشاءَالله چونڊن ۾ کٽي پنهنجي علائقي جي بهتري لاءِ ڪم ڪندس.