لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ راجا خان گاڏھي ) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاڙڪاڻي ضلعي پاران ڦل ڳوٺ ۾ مفت ميڊيڪل جنرل ڪئمپ لڳائي وئي. ڳوٺ جي مڊل اسڪول ۾ لڳايل ڪئمپ ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو ۽ مريضن کي دوائون مفت ڏنيون ويون. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن لاڙڪاڻي پاران لڳايل هن مفت ميڊيڪل ڪئمپ جو افتتاح پي ايم اي ضلعي جي اڳواڻ ۽ ايڊيشنل ڊئريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر ياسمين خالق شيخ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز شيخ پرنسيپل پيرا ميڊيڪل اسٽاف انسٽيٽيوٽ ڪيو. ان موقعي تي سگا جي اڳواڻن سيد جاويد شاھ ۽ نياز حسين جاگيراڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪئمپ ۾ اڪثر بخار، کنگهه، مليريا، ڇاتي، خارش،الرجي، ملو، جهڙيون بيماريون عام آهن. جنهن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي متاثر ٿيل آهي. اسڪول جي استادن ۽ ڳوٺ وارن ڪئمپ ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو. ڪئمپ ۾ 6 مهينن جي ڄاول ٻار کان وٺي 76 ورهين جي عمر تائين جا مريض آيا. مخير ماڻهو سهڪار ڪن ته روز اهڙيون ڪئمپس لڳائي غريب مريضن کي گهر ويٺي علاج جون سهوليتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون.هنن چيو ته اسان ٿورائتا آهيون ڊاڪٽر ياسمين خالق شيخ ۽ ڊاڪٽر شاهنواز شيخ جا جن پنهنجي قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون انسان ذات جي خدمت لاءِ وقف ڪيون.