My WordPress Blog

راڻيپور ڳوٺ  فيض محمد جوڻيجو جو رھواسي بچل جوڻيجو مبينا زيادتين خلاف احتجاج ڪري رهيو آهي

0

راڻيپور:(رپوٽر صدام سومرو)راڻيپور ڳوٺ  فيض محمد جوڻيجو جو رھواسي  بچل جوڻيجو احتجاج ڪندي ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو ته  منهنجي گهرواري  مرڪ جنهن  جو سنگ هڪ سال اڳ  3لکن عيوض  پنهنجي سهري  لعل ڏنو سهتو ۽ سس نصرت خاتون  کان ورتو هو 10 ڏينهن اڳ  منهنجي گھر دعوت تي آيل سهرو ۽ سس  سالي ۽سنڍو امتياز سهتو وارا آيا هيا هئا جڏهن مان   رات شهر ۾ چوڪيداري ڪندو آهيان ۽ مان چوڪيداري تي ويس ۽جيئن واپس صبح جو آيس  ته ڏٺم  ته منهنجي گهرواري  ۽ سهرو ۽سس گهر ۾ موجود ڪون هيا ۽ بعد ۾ڀرسان پنهنجي ڀائرن جي گهر  وڃي پڇا ڳاڇا ڪئي ته گهر وارن ٻڌايو ته  رات تنهنجي گهرواري  مرڪ  رکيل تنهنجا  2لک اسان کان وٺي وئي هئي ۽بعد ۾پنهنجي  گهر ۾ پيل  سامان جي  ڳولا ڪئي ته هڪ لک جي  ماليت  جا سونا زيور  ۽ ان سان گڏ  شناختي ڪارڊ لائسنس  موٽر سائيڪل جا ڪاغذ  روڪ 2لک  کڻي وئي  آهي جنھن جي  حد جي  ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر  هن وقت تائين راڻيپور  پوليس  منهنجا  جوابدار  گرفتار  نٿي  ڪري  هن ايس ايس پي خيرپور  ۽ايس ايڇ او راڻيپور کان  پرزور اپيل ڪئي آهي ته  منهنجي گهرواري  مرڪ جوڻيجو  ۽ گهر مان کڄي ويل سامان فوري طور  واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ جوابدارن تي ڪيس داخل ڪري  قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو وڃي  ته جيئن مون غريب کي انصاف ملي سگهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.